ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڏنل زمين جي ملڪيت تبديل نه ٿيندي:نثار کھڙو

ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ اڄ منعقد ٿيندڙ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي جو تياريون ڏسڻ لاءِ پ پ سنڌ جو صدر نثار کهڙو ميرپورخاص پهتو ۽ شهيد بينظير ڀٽو اسپورٽس اسٽيڊم ۾ جلسي گاھ جو معائنو ڪيو ان موقعي تي هن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سي سي آئي اڳ ووٽ جي اڪثريتي بنيادن تي فيصلا ڪندي هئي جنهن کي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ذهانت بردباري ۽ دليلن سان سان تبديل ڪرائي اڪثريتي رائي جي بدران اتفاق راءِ سان ڪرڻ ۾ تبديل ڪيو آهي ،پ پ چيئرمينن جو اڄوڪو جلسو اسان جي جيجل امڙ سنڌ ۽ سنڌو درياء کي سلام ڪرڻ لاءِمنعقد ڪيو پيو وڃي پيپلزپارٽي پارٽي تڪراري ڪينالن وارو مسئلو حل ڪرائي ملڪ کي خاناجنگي کان بچايو آهي پيپلزپارٽي ڪڏهن به عوام جي حقن جو سودو نه ڪيو آهي ۽ نه ڪندي ۽ نه وري ڪنهن کي سنڌ جا حق غصب ڪرڻ ڏيندي هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ صوبائي مسئلو آهي جيڪڏهن زمين ڏئي به ڇڏجي ته ان جي ملڪيت تبديل نه ٿي ٿئي مقامي ماڻهن کي شيئر هولڊر بڻائي زمينن کي بهتر بڻائي سگهجي ٿو ان موقعي تي پير آفتاب حسين شاهھ جيلاني،مير منور ٽالپر سيد ذوالفقار علي شاهه جنيد بلند  ۽ ٻيا موجود هئا ھوڏانھن ضياء الحسن لنجار به پارٽي اڳواڻن سان گڏ جلسي گاه جي تيارين جو معائنو ڪرڻ لاء شهيد بينظير ڀٽو اسپورٽس اسٽيڊم پهتو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.