ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ڪئنالن خلاف سنڌو درياءَ تي تڪراري ڪئنالن خلاف لنڪ روڊ ملير تي وڪيلن ۽ سول سوسائٽي پاران لڳايل پرامن ڪئمپ تي پوليس چڙهائي جو ڪيس داخل نه ٿيڻ تي وڪيلن احتجاج ڪيو آهي. ايس ايس پي ملير جي اڳواڻي ۾ وڪيلن تي پوليس جي چڙهائي، تشدد ۽ فائرنگ ۽ وڪيل ذيشان کي زخمي ڪرڻ خلاف وڪيلن پاران ايڊيشنل سيشن جج 3 جي عدالت ۾ ڄاڻايل ھيٺين آفيسرن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ لاءِ آئيني درخواست جمع ڪرائي وئي، درخواست ۾ وڪيلن تي ٿيل تشدد، فائرنگ ۽ لاٺي چارج جا الزام لڳايا ويا آھن جنھن بعد ايڊيشنل سيشن 3 وڪيلن جي درخواست کي منظور ڪندي ھيٺين ڄاڻايل آفيسرن ايس ايس پي ملير، ڪاشف آفتاب، ڊي ايس پي منظور بوزدار، ايس ايڇ او بن قاسم طاھر قادري، ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون علڻ خان عباسي، سب انسپيڪٽر مشتاق احمد، اي ايس آءِ محمد شفيق، محمد عدنان، مشتاق علي جوڻيجو ۽ پي سي عبدالرحمان سميت 15 ماڻھو سڃاتلن سميت 41 ماڻھن تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا جنھن بعد وڪيل بار جي صدر ارشاد شر جي اڳواڻي ۾ اسٽيل ٽائون تي پھتا ته ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون علڻ خان عباسي ٿاڻي تي موجود نھ ھجڻ جي ڪري وڪيلن ٿاڻي تي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڊي ايس پي بن قاسم ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او جاويد ابڙو وڪيلن کي چيو ته عدالت جو حڪم آھي ان ڪري عدالت جي حڪم تي عمل ڪندي ليگل برانچ پوليس مدد طلب ڪئي وئي آھي. ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو تھ اسان وڪيل آھيون، قانون جا رکوالا آھيون اسان ماڻھن کي انصاف ڏياريندا آھيون پر ھتي ٿاڻي تي اچي ڪري اسان کي انصاف نٿو ملي پوليس جا آفيسر عدالت جي آرڊر جي توھين ڪري رھيا آھن .