ڪراچي/ حيدرآباد (نمائندا) جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي سڏ تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن جي والار، ڪئنالن، بئراجن ۽ ڊيمن ذريعي سنڌو درياھ تي قبضي جي ڪوششن ۽ جبري گمشدگين خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ ميرپور بٺوري ۾ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور، جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، ڪامريڊ يوسف ڪنڀار ۽غفور چانگ جي اڳواڻي ۾ کورواھ اسٽاپ وٽان ريلي ڪڍي وئي، وڏي بس اسٽاپ وٽ جلسي کي خطاب ڪندي نواز خان زئور چيو ته درياھ جي بحالي ۽ زمينون بچائڻ لاءِ ڊگهي جدوجهد جي ضرورت آهي، سي سي آئي جي اجلاس ۾ ڪئنال رد نه ڪيا ويا آهن، عوامي جدوجهد ۽ وڪيلن جي دٻاءُ تي صرف ملتوي ڪيا ويا آهن پر حڪمران لڳاتار عوام سان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، ڪئنالن واري معاملي تي اهي اکٻوٽ واري راند کيڏي رهيا آهن، پ پ حڪومت سنڌ جون زمينون تين وال ڪري رهي آهي، اسلم خيرپوري چيو ته قومي جدوجهد ڪندڙ قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي، ان جي باوجود جدوجهد تان هٿ نه کڻنداسين، پنهنجي درياھ ۽ زمينن تان هٿ نه کڻنداسين، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ يوسف ڪنڀار چيو ته سنڌ کي تباھ ڪري پنجاب کي ترقي وٺرائي پئي وڃي، جيڪو استحصالي عمل آهي، حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي، فتاح چنا، ايڊووڪيٽ محب آزاد ۽ ڊاڪٽر خوشحال ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾ اولڊ ڪيمپس کان پريس ڪلب تائين پيادل مارچ ڪيو ويو، باڊھ ۾ محمد علي خشڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، گمبٽ ۾ هالار رتڙ ۽ زاهد شنباڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ٺري ميرواھ ۾ صوفي حاجن گل، حفيظ شر، عمران شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ڪنڌڪوٽ ۾ سلطان نندواڻي، ٺٽي ۾ راول ڪرناڻي، انور بڙدي، جاويد ڪرناڻي، اڪبر بروھي، باغي فرھاد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، ٽنڊو محمد خان ۾ پنهل جمالي، اصغر نوناري، اعجاز سمون، وزير انصاري، ابرار بلوچ، طارق سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊوڄام ۾ منير سولنگي، مهراڻ سنڌي، عثمان سنڌي، بابر ديشي جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڄامشورو ۾ مير جان سنڌي، ياسين لنڊ، منان پهوڙ، سمير ماڇي، شائق تيوڻو، اظهر لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته سنڌ حڪومت گرين پاڪستان، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين جي الاٽمينٽ رد ڪري سنڌ دشمن فيصلو واپس وٺي.