اومني گروپ جي مالڪ پاران مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بريت جي درخواست داخل

ڪراچي(رپورٽر) بئنڪگ عدالت ۾ اومني گروپ جي مالڪ حسين لوائي ۽ ٻين مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، حسين لوائي ۽ ٻيا جوابدار بئنڪنگ عدالت ۾ پيش ٿيا، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته فريال ٽالپر سميت 20 جوابدارن جا نالا ڪيس ۾ خارج ڪيا ويا آهن، انور مجيد بريت واري درخواست ۾ موقف اختيار ڪندي چيو آهي ته سندس خلاف ڪو به ثبوت ناهي، ڪيس ختم ڪري بري ڪيو وڃي، ڪيس ۾ ملوث پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري جي مستقل ڇوٽ سبب درخواست تي ٻڌڻي نه ٿي سگهي، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 13 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، ياد رهي ته آصف علي زرداري، انور مجيد، حسين لوائي ۽ ٻين تي ڪروڙين رپين جي غيرقانوني منتقلي جو الزام آهي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.