ٽرمپ کان پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي ڪانگريس جي ميمبرن آمريڪي صدر ٽرمپ کان پاڪستان ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪانگريس ميمبر جَيڪ برگمين ۽ ڪريگ اسٽينٽن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي هڪ خط لکي پاڪستان ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي جو ذڪر ڪيو آهي، خط ۾ چيو ويو آهي ته، اسين اوهان کي هي خط پاڪستان ۾ جاري جمهوري بحران بابت پنهنجي گهري ڳڻتي ظاهر ڪرڻ لاءِ لکي رهيا آهيون، جنهن جون نشانيون فيبروري 2024ع جي عام چونڊن جي واقعن مان ملي رهيون آهن، ڪيترائي معتبر ۽ آزاد ذريعا هن نتيجي تي پهتا آهن ته چونڊن ۾ وڏي پيماني تي بي ضابطگيون ٿيون، جن ۾ ووٽن جي ڌانڌلي، سياسي جبر، ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن، خاص طور تي اڳوڻو وزيراعظم عمران خان قيد ۾ آهي، اهي اڳڀرائيون پاڪستان جي جمهوري ادارن جي واضع ڪمزوريءَ جي نمائندگي ڪن ٿيون، جيڪي 24 ڪروڙ کان وڌيڪ آبادي رکندڙ ملڪ جي استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ خطرو بڻجي چڪيون آهن.

  1. 24 کان 36 ڪلاڪن اندر ڀارتي حملي جي خطرو

اسلام (م ڊ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا الله تارڙ خبردار ڪيو آهي ته انٽيليجنس ڄاڻ مطابق ڀارت پهلگام واقعي کي جواز بڻائي ايندڙ 24 کان 36 ڪلاڪن اندر جارحيت جو ارادو رکي ٿو، وفاقي وزيرواضح پيغام ڏنو آهي ته ڪنهن به قسم جي مھم جوئي جو فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ڀارت جو خطي ۾ مدعي، منصف ۽ جلاد بڻجڻ وارو پاڻمرادو ڪردار سختي سان رد ڪري ٿو، هن واضح ڪيو ته پاڪستان پاڻ گذريل ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي،

پهلگام حملي کان پوءِ، پاڪستان هڪ ذميوار رياست جي حيثيت سان حقيقتن تائين پهچڻ ۽ ان جي سببن کي سمجهڻ لاءِ لکي دل سان آزاداڻي ۽ غير جانبدار جاچ جي آڇ ڪئي.

  1. آءِ ايس آءِ سربراھھ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ کي قومي سلامتي مشير جي اضافي چارج

اسلام آباد(م ڊ)وزيراعظم شھبازشريف آءِ ايس آءِ جي سربراھھ ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ کي پنھنجي موجودھ ذميوارين سان گڏ قومي سلامتي جي مشير جي اضافي چارج بھ ڏئي ڇڏي آھي، ھن جي ان نئين اضافي مقرري جو نوٽيفڪيشن بھ جاري ڪيو ويو آھي،ليفٽيننٽ جنرل عاصم ملڪ جو تعلق ھڪ فوجي خاندان سان اھي ۽ ھن جو والد ليفٽيننٽ جنرل(ر) غلام محمد ملڪ 90ع جي ڏھاڪي ۾ راولپنڊي جو ڪورڪمانڊر رھي چڪو آھي

  1. هلندڙ هفتي ملڪ ۾ سخت گرمي جو عالمي رڪارڊ ٺهڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) آمريڪي اخبار خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ هفتي دوران گرمي جو عالمي رڪارڊ ٺهي سگهي ٿو. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن هفتي ڏکڻ ايشيا ۾ گرمي 50 ڊگري سينٽي گريڊ جي عالمي رڪارڊ تائين پهچي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي وچين ۽ ڏاکڻي علائقن ۾ گرمي پد 50 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو. ياد رهي ته ان کان اڳ پاڪستان جي شهر نوابشاهه ۾ اپريل 2018ع ۾ پارو 50 ڊگري تائين ويو هو، جيڪو سڄي ايشيا ۾ گرمي جو هڪ رڪارڊ هو. هوڏانهن موسميات کاتي چيو آهي ته پهرين مئي تي اولهه هوائن جو سلسلو ملڪ جي مٿئين علائقن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿو، جيڪو پنج مئي تائين ملڪ تي اثرانداز رهندو، جنهن سبب مئي جي پهرئين هفتي ۾ برسات جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.