حيدرآباد(پ ر) جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين ۽ جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي ڪنوينر نواز خان زئور چيو آهي ته ڪئنالن کي رد نه ڪيو ويو آهي، سي سي آءِ پنجاب جي مفادن جي تحفظ جو ادارو آهي، ان ڪري ان جي اجلاس ۾ ڪئنالن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ بدران معاملو صرف التوا ۾ وڌو ويو آهي، حڪمرانن جي اها پراڻي چال رهي آهي ته دٻاءُ پوڻ تيپوئتي هٽندا آهن پر پنجاب جي مفادن واريون رٿائون رد ناهن ڪندا، صوبن جي راضپي بنان ڪم اڳتي نه وڌائڻ ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي نالي ۾ مونجهارا اڀاري محڪومن جي جدوجهد کي نفاق ۽ اختلافن ۾ وجهي ماٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ۽ وري ٻيهر ڪم شروع ڪرڻ جا موقعا تاڙيندا آهن. ڪئنالن جي سوال تي به ساڳي اٽڪل بازي ڪئي وئي آهي. قومي پارٽي ڪئنالن تي اتفاق راءِ واري فيصلي کي رد ڪري ٿي، درياھ جي بحالي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف جدوجهد جاري رکي ويندي.