پاڪ ھند وچ ۾ ايٽمي جنگ جو خيال سٺو ناھي:جنرل(ر)ناصر جنجوعا

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي قومي سلامتي بابت صلاحڪار، ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر جنجوعه نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارت ناڪامي جو ملبو پاڪستان تي وجهڻ بدران ذميوارن کي سزا ڏئي. هن واضح ڪيو ته روايتي جنگ جي صلاحيت ايٽمي صلاحيت سان ڳنڍيل هوندي آهي، ڀارت کي سمجهڻ گهرجي ته پاڪستان جواب ڏيندو ۽ ڳالهه اڳتي وڌي ويندي، جيڪا ٻنهي ملڪن لاءِ تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، ناڪامي کي نيوڪليئر جنگ طرف کڻي وڃڻ ڪو سٺو خيال ناهي. ناصر جنجوعه چيو ته، مون ۽ اجيت دوول گڏيل لاڳاپن کي هڪ ڪال جي وٿي تي آندو هو. اسان امن جي ڳالهه ڪندا هئاسين، ٽيمپريچر ٿڌو رکڻ جي ڪوششڪندا هئاسين. هن وقت به اجيت دوول جي صلاح اهڙي هجڻ گهرجي ته ايڏي وڏي خطري ۾ نه پوڻ گهرجي. پلوامه واقعي جو حوالو ڏيندي، هن چيو ته پاڪستان جي جواب کانپوءِ ڀارت ڳالهه کي اڳتي نه وڌايو.پاڪستان پنهنجو دفاع بهترين طريقي سان ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌندي رهي ته سڄي دنيا هن معاملي ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿي. هن صلاح ڏني ته پردي پٺيان سفارتڪاري ذريعي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. ٻنهي ملڪن کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ناصر جنجوعه موجب بنيادي مسئلو ڪشمير آهي، جنهن تي سوديبازي ممڪن ناهي. هاڻ نه رڳو ڪشمير پر پاڻي جو تڪرار به آندو ويو آهي، جيڪو معاملو اڳ ۾ ئي هو، ان کي وڌيڪ پيچيده بڻايو ويو آهي. هن چيو ته، جنگ جو ڪجهه به حاصل ناهي، هي وقت آهي ته ٻئي ڌريون ويجهو اچن، ڳالهين ذريعي تڪرار ختم ڪن، اهو مستقبل سان واڳيل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.