زمينن جي والار خلاف احتجاجن جو اعلان، سنڌ سرڪار زمين جي الاٽمينٽ رد ڪري: زين شاهه

ڄامشورو(رپورٽ: صدر الدين جوڻيجو ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاهه ڄامشورو جي ايم سيد ايڊيفيس ۾ اجلاس بعد هنگامي پريس ڪانفرنس ڪنديچيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون ڌارين حوالي ڪرڻ کان بغير ڪئنالن کي صوبن جي رضامندي سان مشروط ڪيو ويو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، ڪارپوريٽ فارمنگ تحت زمينون پرڏيهي ۽ وڏي سرڪار کي ڏيڻ خلاف نه صرف سنڌ پر پوري ملڪ جو عوام هڪ ٿي چڪو آهي، صدر پاران 8 جولاءِ تي نون ڪئنالن جي منظوري دراصل سنڌ دشمن پاليسين جو تسلسل آهي، گذريل ڏينهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪئنالن جو معاملو رڳو وقتي طور تي ملتوي ڪيو ويو هو پر اسان کي خدشا آهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان کي ٻيهر ايجنڊا ۾ شامل ڪيو ويندو، جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته اسان هن ڀيري اڳي کان وڌيڪ اثرائتي ۽ ڀرپور مزاحمت ڪنداسين، هن چيو ته سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جو اهم اجلاس اڄ 30 اپريل 2025 تي ڪراچي ۾ ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ مستقبل جي لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو، 7 مئي تي بدين کان گولاڙچي ۽ اتان کان احمد راجو تائين ريلي ڪڍي ويندي، جتي گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي نالي تي مقامي ماڻهن جون زمينون ليز تي ڏنيون ويون آهن ۽ مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪيو پيو وڃي، گرين پاڪستان انيشيئيٽو لاءِ سنڌ جي زمينن کي الاٽ ڪرڻ خلاف 10 مئي تي حيدرآباد ۾ تحريڪ تحفظ پاڪستان پاران تاريخي جلسو ڪيو ويندو، جنهن ۾ بلوچستان، خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ سنڌ جا سياستدان توڙي پوري ملڪ جا هاري اڳواڻ شرڪت ڪندا. هن چيو ته اسان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ حڪومت گرين پاڪستان انيشيٽو جي نالي تي ڏنل زمينن جي الاٽمينٽ فوري طور تي رد ڪري ڇاڪاڻ ته سنڌ اندر گهوٽڪي، عمرڪوٽ، خيرپور، سانگهڙ،  دادو، ڄامشورو ۽ ٻين ضلعن ۾ ڏنل زمينون آباد ڪرڻ لاءِ نوان ڪينال ڪڍيا ويندا، جنهن سان موجوده آبپاشي نظام تي خراب اثر پوندا، سيد زين شاهه چيو ته پ پ جا وزير ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا ته ڪو ڪينال نه ٺهي رهيو آهي پر جڏهن سنڌ جي عوام پنهنجي شعور ۽ مزاحمت ذريعي احتجاج ڪيو ته هو گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿيا. اها سنڌ جي قومي شعور جي فتح آهي، سنڌ جي زمين، پاڻي، ساحل ۽ وسيلن لاءِ جدوجهد جاري رکنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.