سنڌ جي عوام کي مبارڪون، عوامي جدوجهد سبب فتح ٿي: قادر مگسي

 حيدرآباد ( پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ جي عوام کي  مبارڪ ڏيندي چيو آهي  ته سنڌ جي  ڪئنالن جي معاملي تي فتح ٿي آهي سنڌ جي عوام  ايس ٽي پي ڪارڪنن  سميت مختلف ڌرين   جي جدوجهد سبب ڪئنالن جي معاملي تي پ پ حڪومت دٻاءُ ۾ آئي ۽ وفاقي حڪومت پويان پير ڪيا آهن . اڄ سي سي آئي جي اجلاس ۾ ٿيل فيصلا جيتوڻيڪ منجهيل آهن پر  سنڌ جي ڪئنالن جي معاملي تي فتح ٿي آهي . جنهن تي سنڌ جي عوام ۽ ايس ٽي پي جي ڪارڪنن سميت جدوجهد ۾ شامل سمورين ڌرين کي خراج تحسين پيش ڪجي ٿو جن اٺن مهينن کان روڊن رستن تي پرامن جدوجهد جاري رکي ۽ حڪمرانن کي مجبور ڪيو.  سي سي آئي جي فيصلن ۾  صوبن جي رضامندي سان نوان ڪئنال مشروط ڪيا ويا آهن ته هاڻي اڳتي اڪثريت راءِ جي بدران سمورن صوبن جي رضامندي واري فيصلي تي گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي رضامندي کان سواءِ ڪو اهڙو فيصلو نه ٿيندو. جيڪا هاڪاري ڳالهه آهي ۽ اسان جي ڪاميابي آهي. ڪئنالن سان گڏ سنڌ جي وسيلن، زمينن ۽ معدنيات جي مالڪي جا مسئلا موجود آهن جنهن لاءِ سنڌ کي تسلسل سان اڃان ڊگهي جدوجهد ڪرڻي پوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.