ڪوٽڙي ۾ ڪئنالن خلاف ريلوي پٽڙي تي احتجاج، ٽرين رڪجي وئي

ڪوٽڙي (جبار ڪابورو) ڪوٽڙي ۾ سياسي ڪارڪنن توڙي عام شهرين ريل روڪي ڇڏي  پٿراءُ سبب ٻہ مسافر زخمي ڪراچي کان پنجاب طرف ويندڙ علامه اقبال ايڪسپريس کي ڪوٽڙي لڳ خورشيد ڪالوني ۾ سوين ماڻهو ريلوي ٽريڪ تي بيهي رهيا، جنهن سبب علامه اقبال ايڪسپريس بيهجي وئي سوين ماڻهو انجڻ سامھون بيهي زوردار نعريبازي ڪندا رهيا. پٿراءُ سبب ٻه مسافر زخمي ٿي پيا. واقعي واري هنڌ سائيٽ پوليس پهچي مظاهرين کي هٽائي ريل گاڏيءَ کي روانو ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته  اوچتو شهري ريلوي ٽريڪ تي اچي ويا،احتجاج رڪارڊ ڪرايائون. جاچ ڪريون پيا تہ ڪير هئا اڪثريت جي سڃاڻپ نه پئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.