سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو رد ڪري:اياز پليجو

حيدرآباد(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته ڪنھن به قسم جي سوديبازي قبول نه ڪئيويندي. سنڌ کي 2 نوٽيفڪيشن کپن.ھڪڙو سنڌ حڪومت طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ رد ڪري زمينن جي واپسي جو ۽ ٻيو وفاق پاران ڪينالن جي خاتمي جو. سنڌو درياھ تي 150 سالن کان ڌاڙا لڳي رھيا آھن، هن چيو ته  سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نہ ملڻ ڪري سمنڊ لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي،ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ ھر ضلعي اندر نئين رياست قائم ڪئي ويندي،انھي ڪري اھو منصوبو ڪنھن به ريت قبول ناھي. سنڌ حڪومت ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبو رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.