ڌرڻو ختم ڪرڻ بابت سنڌ بار ڪائونسل جو خط جعلي آهي:شفقت رحيم

سکر (رپورٽ:آزاد مهر)سنڌ بار ڪائونسل جي وائيس چيئرمين شفقت رحيم راجپوت وڊيو پيغام جاري ڪندي واضح ڪيو آهي ته ڌرڻو ختم ڪرڻ بابت سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ خط مڪمل طور تي جعلي ۽ بي بنياد آهي،هن عوام کان اپيل ڪئي ته اهڙين ڪوڙين خبرن تي هرگز يقين نه ڪيو وڃي،هن چيو ته جيستائين متنازعه ڪينالن جي منصوبي کي رد ڪرڻ جو سرڪاري طور نوٽيفڪيشن جاري نه ٿئي ٿو، تيستائين وڪيل برادري جو ڌرڻو جاري رهندو.سندس چوڻ هو ته جيئن ئي مطالبا منظور ٿيندا، وڪيل برادري ڌرڻي واري هنڌ جشن ملهائيندي.سنڌ جي سمورن عدالتن ۾ پوليس جو بائيڪاٽ جاري آهي ۽ وڪيل برادري مڪمل طور هڪ صفحي تي گڏيل آهي هن آءِ جي سنڌ تي تنقيد ڪندي چيو ته وڪيل برادري خلاف ڪوڙيون ايف آءِ آرون داخل ڪرائڻ اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.