اسلام آباد(بيورو رپورٽ/م ڊ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل سنڌو درياءُ مان ڇهه ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو رد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته صوبن جي رضامندي کان سواءِ ڪو به نئون ڪئنال نه ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو. وزيراعظم جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل( سي سي آءِ) جو 52 هون اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بچاءُ وارو وفاقي وزير خواجا محمد آصف، وفاقي وزير انجنيئر امير مقام ۽ مراد علي شاهه سميت چئني صوبن جا وڏا وزير شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ پهلگام واقعي کان پوءِ ڀارت جي يڪطرفي، غير قانوني ۽ غير ذميواراڻن قدمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. گڏيل مفادن واري ڪائونسل قومي اميدن جي ترجماني ڪندي ملڪ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي جو پيغام ڏنو ۽ واضح ڪيو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ ذميوار ملڪ آهي پر پنهنجي خودمختياري ۽ بچاءُ بابت مڪمل سجاڳي رکي ٿو. ڪائونسل سينيٽ ۾ ڀارت خلاف منظور ڪيل قرارداد جي ڀرپور حمايت ڪئي ۽ واضح ڪيو ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي يا پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي خلاف، پاڪستان کي پنهنجن آبي مفادن جي تحفظ جو پورو حق حاصل آهي. اجلاس ۾ پاڻيءَ جي نون منصوبن بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. گڏيل مفادن واري ڪائونسل وفاقي حڪومت جي هن پاليسي جي توثيق ڪئي ته اڳتي ڪو به نئون واهه ( ڪئنال) گڏيل صلاح مشوري کان سواءِ تعمير نه ڪيو ويندو. وفاقي حڪومت سڀني صوبن سان گڏجي هڪ ڊگهي مدي واري زرعي پاليسي ۽ آبي وسيلن جي انتظام لاءِ گڏيل حڪمت عملي تيار ڪندي ته جيئن 1991 جي پاڻي جي ورڇ واري معاهدي ۽ 2018 جي قومي پاڻي پاليسي مطابق صوبن جا حق محفوظ رکي سگهجن. ڪائونسل اهو به فيصلو ڪيو ته هن مقصد لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ويندي، جنهن ۾ وفاق ۽ سڀني صوبن جي نمائندگي شامل هوندي. اها ڪميٽي زرعي ضرورتن ۽ آبي استعمال بابت ڊگهي مدي وارا حل تجويز ڪندي. اجلاس ۾ وڌيڪ فيصلو ڪيو ويو ته نون ڪئنالن جي تعمير لاءِ 7 فيبروري 2024 تي ڏنل ايڪنڪ ECNEC جي عارضي منظوري ۽ 17 جنوري 2024 تي ڪئنالن لاءِ جاري ڪيل ارسا جو پاڻي جي دستيابي وارو سرٽيفڪيٽ واپس ورتو ويندو. منصوبابندي ڊويزن ۽ ارسا کي هدايت ڏني وئي ته سڀني اسٽيڪ هولڊرن سان مشاورت مڪمل ٿيڻ تائين ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي وڃي. اجلاس ۾ سي سي آءِ سيڪريٽريٽ جي مالي سال 2021-2022، 2022-2023 ۽ 2023-2024 جون رپورٽون پيش ڪيون ويون، جڏهن ته سيڪريٽريٽ جي ڀرتي جي قاعدن جي به منظوري ڏني وئي. ڪابينا ڊويزن پاران نئشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (NEPRA) ۽ انڊسٽري جي حالت بابت سالياني رپورٽون به ڪائونسل کي پيش ڪيون ويون.