ڪراچي (م ڊ) نامياري ليکڪا نورالهديٰ شاهه چيو آهي ته ڪئنالن خلاف تحريڪ ۾ جيڪو جذبو ڏسڻ ۾ اچي ٿو اهو مطمئنڪندڙ آهي، ان کان اڳ به تحريڪون هليون آهن جڏهن ته سنڌ جي مهمان نواز شاندار رهي آهي پر سڀ کان وڌيڪ حيران ڪندڙ شئي اها آهي ته ڪروڙين ڊالرن جو سامان ڪنٽينرن ۽ ٽرڪن ۾ پيل آهي ۽ ان کي ڪو نقصان ناهي پهتو، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي قوم نه رڳو مهمان نواز پر امانت دار به آهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڌرڻي ۾ ڪو شخصي نعرو يا مفاد ناهي، عامر نواز وڙائچ سميت وڪيلياڻيون ۽ ٻيا نوجوان وڪيل سڀ هيرو آهن، ڳوٺن جا ماڻهو ۽ عورتون به اچي رهيا آهن، فنڪار ۽ شاعر وري وري اچي رهيا آهن. ڪئنالن جو مسئلو نه رڳو اسان جي بقا جو پر اهو ملڪ جي بقا جو مسئلو آهي جنهن تي اکيون بند نٿيون ڪري سگهجن. هن چيو ته اسان جو سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته عوام وڏيري، پير، سردار، گادي نشين جي چنبي ما نڪري، آزادي ۽ پنهنجي مرضي سان بنا ڪنهن دٻاءُ جي ووٽ ڏئي پوءِ کڻي ڪنهن کي به ڏئي.