ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندن وٽان)ڪراچي جي وڪيلن تي تشدد ۽ تڪراري ڪئنالن خلاف وڪيل برادري پاران مختلف شهرن ۾ عدالتن کي تالا هڻي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو، ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ تڪراري ڪئنالن خلاف 8هين ڏينهن به بائيڪاٽ ڪيو ويو،بائيڪاٽ سبب سٽي ڪورٽ جا مک دروازا به بند ڪيا ويا،ڪنهن کي به اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي، هوڏانهن لاڙڪاڻي ۾ وڪيلن هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي اپيل تي عدالتي ڪارروائي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪندي احتجاجي ريلي ڪڍي، عدالتن ۾ پوليس جي داخلا تي به پابندي لڳائي وئي آهي، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد،ٺل، ڀرياسٽي ۽ عمرڪوٽ ۾ به وڪيلن ڪراچي ۾ وڪيلن تي پوليس جي تشدد ۽ تڪراري ڪينال منصوبي خلاف احتجاج ڪيا،احتجاج ڪندڙن حڪومت کان فوري طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ۽ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن سندن مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته احتجاج وڌيڪ تيز ٿي سگهن ٿا.