ڪوئيٽا (م ڊ) ڪوئيٽا پريس ڪلب ۾ وڪيل اڳواڻ علي احمد ڪرد پريس ڪانفرنس دوران چيو ته عدالتن ۾ موجود ڪجههججن جي رويي ۾ تڪبر ڏسڻ ۾ اچي ٿو، سپريم ڪورٽ ۾ ويٺل جج صاحبن مارشل لا خلاف ڪڏهن به آواز ناهي اٿاريو، جڏهن ته 26هين آئيني ترميم خلاف داخل ٿيل پٽيشنون ڊگهي عرصي کان ٻڌڻي لاءِ مقرر ناهن ٿيون. هن چيو ته ماهه رنگ جي ٿري ايم پي او پٽيشن ننڍڙي نوعيت جي هئي، ان کي ڊيگهه ڏني پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ 26هين ترميم کي رات 12 وڳي لاڳو ڪيو ويو، جيڪڏهن عدالتن مان به انصاف نه ملندو ته پوءِ ملڪ ۾ تباهي ڏانهن ويندو، عدالتون مظلومن جي آخري اميد هونديون آهن. اوهان پيڪا ايڪٽ آڻي شعور کي روڪيو ٿا ڇا رڪجي ويندو؟ سنڌو درياهه بابت ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌو صرف هڪ درياهه ناهي، پر اها سنڌ جي سڃاڻپ ۽ جذباتن سان جڙيل آهي. سنڌ جا ماڻهو سنڌو درياهه جي هڪ هڪ ڦڙي سان جذباتي وابسطگي رکن ٿا ۽ دنيا جي ڪنهن طاقت کا ڪئنال ڪڍڻ نه ڏيندا.