پاڪ ھند تڪرار ۾ سعودي عرب ڪو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو؟

تحرير: عباس ناصر

اهو چٽو ناهي ته جڏھن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ صرف  ڪشمير تڪرار جي  ھڪ هزار سال پراڻو تڪرار قرار ڏئي رھيو ھو تھ اھا ڳالھھ ھو رواني ۾ چئي ويو يا ھو واقعي  تاريخ  ۾ وچڙي پيو ھو. پر ايئر فورس ون  جھاز ۾ ڏنل  پنهنجي بيان ۾، ڊونلڊ ٽرمپ اعتماد سان واضح ڪري ڇڏيو  ته پاڪستان ۽ هندستان ٻئي سندس ” گھڻو ويجهو ” آهن ۽ ٻئي ملڪ پاڻ ۾گڏجي ڪشمير مسئلي جو حل ڳولي وٺندا.

هو گذريل هفتي هندستان جي والاريل ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ سياحن تي دهشتگرد حملي جي نتيجي ۾ ڏکڻ ايشياءِ جي ٻھ ايٽمي قوت وارين پاڙيسرين جي وچ ۾ وڌندڙ تڪرار بابت هڪ سوال جو جواب ڏئي رهيو هو، جنهن ۾ 26 شهري مارجي ويا هئا.پاڪستان کي قتل عام جو ذميوار قرار ڏيندي، هندستان ڪيترائي قدم کنيا، جن ۾ نئين دهلي ۾ مقرر پاڪستاني سفارتي عملي جي تعداد کي گهٽائڻ، سڀني فوجي صلاحڪارن کي ڪڍڻ، پاڪستانين کي جاري ڪيل ويزا رد ڪرڻ، ۽ سڀ کان اهم سنڌو طاس ٺاھ کي معطل ڪرڻ شامل آهن، جيڪو ٻنهي ملڪن ۾ ڪيترن ئي  جنگين ۽ ڇڪتاڻ بعد بھ بچيل آهي.

پاڪستان، هندستان جي سخت قدمن جي عڪاسي ڪندي، هندستاني سفارتي عملي جي تعداد کي گهٽائڻ، ويزا رد ڪرڻ، ۽ دلچسپ ڳالهه ھي تھ  ٻين ٻطرفي معاهدن جهڙوڪ شملا معاهدو، جيڪو 1971 جي جنگ کان پوءِ ڪيو ويو هو، کي معطل ڪرڻ تي غور ڪرڻ جو اشارو ڏنو آھي.ذاتي طور صحافين کي ڊونلڊ ٽرمپ جي ڏنل بيان ۾  اسلام آباد ۾ ڪجهه مغربي سفارتڪارن جي جائزي جي جھلڪ نظر آئي. سندس مطابق، پهلگام حملي کان پوءِ اھڙا سفارتي قدمن گھربل ھئا ، جيڪي ٻنهي ملڪن طرفان کنيا ويا، پر ان عرصي کان پوءِ، ڇڪتاڻ ۾ به گهٽتائي ٿي وئي.. پر هندستان جو مزاج، خاص طور تي ميڊيا، جي روش ۾ تھ ڪجهه ٻيو ئي ٻڌائي رھي آھي.ميڊياچيڙاڪ ۽ قوم پرستي واري   رپورٽنگ ڪري رهي آهي. تازو رٽائر ٿيل اعليٰ فوجي ۽ انٽيليجنس آفيسر مڪمل طور تي  ان تي قائل نظر اچن ٿا ته مودي سرڪار کي معاملن کي سفارتي رابطن ذريعي ختم ٿين نھ ڏيڻ  گهرجي ھا، پر پاڪستان کي ‘سزا’ ڏيڻ لاءِ ‘فوجي آپريشن’ جي ڪا منصوبابندي ڪرڻ گهرجي.

مين اسٽريم چينل جي ھڪ اينڪر تازو رٽائر ٿيل ٿري اسٽار جنرل ،جيڪوڪشمير ۾ فوجي آپريشن جون هدايتون ڏيندو ھو.کان پڇيو تھ  "جيڪڏهن ڪا فوجي ڪاروائي ٿئي ٿي  ته ڇا اھو پاڪستاني فوج يا ان جي انٽيليجنس سروسز جي ميجر يا برگيڊيئر کي قتل تائين جاري رهندي، جنهن پهلگام حملي جو حڪم ڏنو هو ؟”ٿري اسٽار جنرل جواب ڏنو،تھ "اسان برگيڊيئرز يا جونيئر آفيسرن تي ڇو روڪجي وڃون ؟” ساڳئي  فوجي آفيسر حماس ۽ ان جي ڪاررواين کي پاڪستاني فوج ۽ انٽيليجنس سروسز سان تشبيهه ڏني. هن اها به تجويز ڏني ته پاڪستان کي به انھن نتيجن کي منھن ڏيڻ گھرجي.جھڙي سخت مھم،غزه ۾ اسرائيلي قابض فوج ھلائي ھئي.

رٽائرڊ آفيسر پاران ڪيل ڀيٽ انتهائي حيران ڪندڙ ۽ انتهاپسند ھئي.مان اھو سوچڻ تي مجبورھئس تھ ڇا هي آفيسر پنهنجي خيالن جي عڪاسي ڪري رھيو آھي يا  هندستاني فوجي ڪمانڊر ۽ هندو قومپرست بي جي پي جي ڇتري هيٺ پاليسي سازي ۾ اهم سياسي شخصيتون به ساڳيو نظريو رکن ٿيون.جيڪڏهن هندستان جو سوشل ۽ روايتي ميڊيا ملڪ جي جذبات جي نمائندگي ڪري ٿو، ته پوءِ مان اهو چوڻ چاهيندس ته ڪيترا ئي هندستاني سويلين ۽ عسڪري ماهرن  غزه ۾ نسل ڪشي جو شڪار ٿيندڙ فلسطينين لاءِ ڪا به همدردي نه ڏيکاري آهي، بلڪھ اھي تھ اسرائيلي قابض فوجن سان عقيدت جو  اظهار ڪيو آهي ۽ ان تي رشڪ ڪندا رھيا.اهي تھ سرعام اھو سوال ڪن ٿا ته سندن ملڪ اسرائيل وانگر پاڪستان خلاف فوجي ڪارروائي ڇو نٿو ڪري سگهي.

ايٽمي طاقت جو اصل مقصد اھو ئي آھي تھ ان سان روايتي جنگين کان پاسو ڪيو وڃي. خاص طور تي اھڙا ملڪ جيڪي طاقت جي لحاظ سان ھڪ ٻئي جي برابر نه هجن. ڪو جنوني ئي چاهيندو ته صورتحال خراب ٿئي ۽ هڪ روايتي جنگ ڇڙي پئي. جنهن سان تباهي يقيني آھي.پوءِ،  ڀلي ان جنگ ۾ ايٽمي هٿيار استعمال ڪيا وڃن يا نه.ها، ماهر پهرين ايٽمي حملي جي صورت ۾ جوابي ڪارروائي جي صلاحيتن جو ذڪر ضرور ڪن ٿا، تھ ڪنهن وٽ جوابي ڪارروائي ڪرڻ جي صلاحيت آهي ۽ ڪنهن وٽ ناهي. پر مان سمجھان ٿو تھ انسانيت لاءِ اسان جي پيدا ڪيل غير متوقع خطري کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن ايٽمي جنگ ڇڙي وڃي ٿي تھ  ٻنهي ملڪن جو ڏيڍ ارب آدم ايتري تائين  جو  سڄي ڏکڻ ايشيا تي ان جا اثر پوندا.

مودي سرڪار ثابت ڪري پئي تھ ان کي ميڊيا جي مڪمل حمايت حاصل آهي، جڏهن ته سوشل ميڊيا ھيندلرز بھ  پڻ سندس ھٿ ۾ آهن جيڪي ڪروڙين ماڻھن تائين حڪومتي نظريا پهچائين ٿا. تنهن ڪري جيڪڏهن حڪومت نٿي چاهي ته سندس ماڻهو پاڪستان کي سزا ڏيڻ لاءِ فوجي آپريشن (۽ قتل جهڙا انتهائي قدم) جي توقع ڪن  ته انهن کي فوري طور تي پنهنجي بيان بازي جي لھجي کي نرم ڪرڻ تي غور ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اهو عوام جي ڪاوڙ ۾ ٻرندي تي تيل ھارڻ برابر آهي.وزيراعظم شهباز شريف پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي ڪردار جي ڀارتي الزامن جي ‘غير جانبدار ۽ شفاف’ جاچ جي آڇ ڪري هڪ سٺو قدم کنيو آهي. هي آڇ ظاهر ڪري ٿي ته پاڪستان جاچ لاءِ تيار آهي.جيڪڏهن هندستاني دعويٰ  اعتبارجوڳي يا جائز نه آھن تھ  پاڪستان سرخور ٿي سگھي.

هي شايد  درست نڪتو  ٿي سگهي ٿو، پر ممبئي حملن کان پوءِ، پاڪستان  فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (FATF) جي ضا بطن موجب ويڙھاڪن گروپن خلاف دھشتگرديي جي مالي مدد، مني لانڊرنگ وغيره جي ڪارروائي ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ انهن گروپن کي پوئتي ڌڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي اهم شخصيتن کي قيد ڪيو  ويو آهي. ان کان علاوه، مبصرن گهٽ ۾ گهٽ ٻن کان ٽن ‘فالس فليگ آپريشنز’ جا مثال پڻ ڏنا جتي بعد ۾ اھو ثابت ٿيو تھ پاڪستاني ملوث هجڻ جا الزام غلط ثابت ٿيا ھئا.

ساڳئي طرح  هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان جي عسڪري ۽ سول قيادت معاشي بحالي ۽ استحڪام کي ترجيح بڻايو آهي،تھ اھڙي وقت ۾ پهلگام جهڙو واقعو ان مقصد لاءِ  گهڻو نقصانڪار آهي. اهڙي ڪنھن واقعي جا نتيجا هندستان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان لاءِ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ تباهيوارا ثبات ٿيندا.

جڏهن به جنونيت جي طاقت حاوي ٿيندي آهي، تھ منطق جو عمل گھٽ ئي رھجي ويندو آھي. اولهه، جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواهشمند آهي، تنهن هوندي به صورتحال انتهائي نازڪ آھي. پاڪستان ۽ ھندستان  وچ ۾ ڳالهين جي مڪينزم نھ ھئڻ سبب ڳالھين جا در بند آهن.اهڙين حالتن ۾، سعودي عرب ۽ ايران پاران  ٽياڪڙي جون ڪوششون  ھڪ بھتر اميد کي ظاهر ڪن ٿيون جنهن جي آجيان  ڪئي وڃي. سعودي پرڏيهي وزير نئين دهلي ۽ اسلام اباد ۾ پنھنجي ھم منصبن سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪيون آهن، پر انھن ڳالهين جي تفصيل جو اڃان انتظار آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.