ڪراچي (پ ر) قائم مقام گورنر ۽ سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه ڪينال مسئلو حل ٿيڻ تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏني آهي.
پنهنجي بيان ۾ سيد اويس قادر شاهه چيو ته اسان واعدو ڪيو هو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي هيٺ سنڌ جي عوام کي انهن جو حق ڏيارينداسين، اڄ گڏيل مفادن واري ڪائونسل (سي سي آءِ) جي اجلاس ۾ ڪينالن جو مسئلو حل ٿي ويو.
هن چيو ته ارسا پاران پنجاب حڪومت کي جاري ڪيل پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ رد ٿيڻ سنڌ جي عوام جي وڏي ڪاميابي آهي، سنڌ جي عوام جي حقن جي بحالي تي الله تعاليٰ جو شڪر ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي مبارڪباد ڏيان ٿو، ان سان گڏوگڏ سنڌ جي عوام کي به دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
ڪينال مسئلو حل ٿيڻ تي بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو: اويس قادر شاهه
You might also like