ڪالاباغ ڊيم کي بينظير ۽ ڪئنالن جو منصوبو بلاول دفن ڪيو: نثار کهڙو

ڪراچي( رپورٽر) پ پ اڳواڻن چيو آهي ته ڪالا باغ منصوبي کي شهيد محترمه بينظير ڀٽو دفن ڪيو ۽ ڪينال منصوبي کي بلاول ڀٽو زرداري دفن ڪرائي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙي، صوبائي وزير سعيد غني، وڏي وزير جي خاص مددگار وقار مهدي ۽ ٻين آچر ڏينهن ڪورنگي ۾ ن ليگ سنڌ جي سينيئر نائب صدر راڻا احسان، راڻا طارق، راڻا علي، اسد الله، رضوان شفيق سميت ٻين جي پ پ ۾ شموليت جي حوالي سان تقريب ۾ ڪيو.پ پ اڳواڻن چيو ته ٻين پارٽين جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي شموليت سان پ پ وڌيڪ مضبوط ٿيندي، اسان جو مقصد بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻائڻ آهي. سندن چوڻ هو ته بينظير ڀٽو ڪالا ڊيم دفن ڪيو هو، اڄ بلاول تڪراري ڪينال منصوبي کي دفن ڪري ڇڏيو، ان معاملي تي سياست ڪندڙن کي گهرجي ته اهي سياست بدران روڊ کولين ۽ عوام کي وڌيڪ تڪليف نه ڏين. سعيد غني چيو ته اڄ ميئر ڪراچي ۽ ميئر حيدرآباد سڀ پيپلز پارٽي جا آهن. پيپلز پارٽي جي شهر ڪراچي جي 25 ٽائون مان 13 ٽائونز آهن، اهڙو ڪڏهن ماضي ۾ نه ٿيو هو. هن چيو ته اسان پنهنجي سيٽن ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين، وڌيڪ ايم اين ايز، ايم پي ايز بڻائينداسين. اسان جو مقصد آهي ته ڪراچي جا چونڊ کٽي بلاول کي وزير اعظم بڻايون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.