نوٽيفڪيشن نه نڪتو ته بندرگاهون بند ڪنداسين:راشد محمود

سکر( رپورٽر) جمعيت علماء اسلام  سنڌ جي صوبائي عاملا جو اهم اجلاس منزل گاهه سکر ۾ صوبائي امير مولانا عبدالقيوم هاليجوي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي جي خاتمي واري اعلان کي بزدلاڻو قدم قرار ڏنو ويو.اجلاس کانپوءِ  بريفنگ ڏيندي جي يو آءِ سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو ته ڀارت جو سنڌ طاس  معاهدي کي ختم ڪرڻ جو اعلان عالمي معاهدن جي سخت ڀڃڪڙي آهي ،هن  واضح ڪيو ته جيستائين ڪئنالن جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿئي، جدوجهد جاري رهندي.اجلاس ۾ سيد سراج احمد شاهه امروٽي، مولانا عبدالمجيب قريشي، مفتي سعود افضل هاليجوي، عبدالرزاق عابد لاکو، مولانا محمد صالح انڍڙ، ڊاڪٽر اي جي انصاري، مولانا محمد اسحاق لغاري، مولانا محمد رمضان پهلپوٽو ۽ سليم سنڌي سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن 2 مئي تي ٿيندڙ سي سي آءِ جي اجلاس ۾ ڪئنالن جي خاتمي جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو ويو ته جي يو آءِ 5 مئي تي بن قاسم بندرگاهه ۽ 6 مئي تي ڪي پي ٽي (ڪراچي پورٽ ٽرسٽ) جي ٻاهران ڌرڻو هڻندي ۽ پنجاب ڏانهن رسد بند ڪئي ويندي. ان سان گڏوگڏ اهو به طئي ڪيو ويو ته علامه راشد محمود سومرو 4 مئي تائين "سنڌو بچايو، سنڌ بچايو” مهم تحت روزانو جي بنياد تي وڏن مظاهرن، ريليون ۽ جلسا ڪري خطاب ڪندا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.