سکر(رپورٽر)ٻٻرلو ڌرڻي کي ڏھ ڏينهن گذري وڃڻ باوجود نيشنل هاءِ وي بندآهي هزارين مال بردار گاڏيون ٽرڪون ۽ ٽرالر روڊ تي بيٺل آهن جنهن سبب گاڏين جا ڊرائيور سخت گرمي ۾ پريشان آهن، ڊرائيورن پاران تڪراري ڪئنالن واري فيصلي تي وفاقي حڪومت کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي چيو آهيته ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري ڌرڻي سبب گاڏين جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته راتين ۾ توڙي ڏينهن جو گاڏين جي سنڀال ۽ چوڪيداري ڪري رهيا آهيون ته جيئن گاڏين ۾ لوڊ ٿيل سامان چوري نه ٿي وڃي