اڄ ملير جي ايڌي ۽ هڪ انقلابي ڪردار ڊاڪٽر درمحمد بلوچ جي وڇوڙي جو ايڪيهون سال پورو ٿيو آهي. سال گذري ويندا آهن، صديون گذري وينديون آهن انسان دوستي مظلومن جي هڏ ڏوکين جا وڇوڙا ڄڻ ته ڪلهه جا وڇوڙا محسوس ٿيندا آهن. مظلومن ۽ محڪومن جي آجپي لاءِ سندن جدوجهد جا سڏ صدين تائين ڪنن ۾ پڙاڏو بڻجي گونجندا رهندا آهن. اهڙيءَ ريت ڊاڪٽر درمحمد بلوچ اڄ توڙي جو جسماني طور تي اسان جي وچ ۾ ناهي پر سندس ڪردار اڄ مليرسميت سنڌ جي ماڻهن جي اکين اڳيان تازو آهي. هو اڄ پنهنجي ماڻهن جي دلين ۾ ڌڙڪندو رهندو آهي.
ڊاڪٽر درمحمد جهڙن ڪردارن خوشبو جڳن جا جڳ محسوس ڪئي ويندي آهي. هن ڪراچي جي ملير ۾ اک کولي هئي. هن پنهنجي چوڌاري ماڻهن کي ڏکن ۽ ڏولان جو شڪار ڏٺائين ته ننڍڙيءَ وهيءَ ۾ ڄڻ ته پڪو پهه ڪيو هيائين ته پنهنجي ماڻهن کي مسئلن ۽ مونجهارن جي ليپيٽ مان ڪڍي ايندس، هن سمورن خوابن جي ساڀيان جي شروعات پاڻ کان ڪئي هئي، سخت محنت ۽ پڙهائي سان ڪمينٽمينٽ جي روشني ۾ هو ڊاڪٽري جي ڊگري لاءِ چونڊجي ويو هو ۽ ان دور ۾ هن ڊاڪٽري جي شعبي ۾ داخلا ورتي جڏهن ملير ضلعو تعليم جي حوالي سان بلڪل ئي پوئتي پيل علائقو محسوس ڪيو ويندو هو. هن ننڍي هوندي کان ئي صحت جو سهوليتون نه هجڻ ڪري ماڻهن کي بي موت مرندي ڏٺو هئو نه رڳو ڏٺو هئائين پر انهن پيڙائن کي پنهنجي روح تي ڀوڳيو به هئائين ۽ ننڍي هوندي کان ئي طئي ڪري ورتو هئائين ته ملير جي ماڻهن جا اهي درد ۽ غم ختم ڪري ئي ساهه پٽبو. حالانڪه ڏٺو وڃي ته ملير ۾ ته لکين ماڻهو رهن ٿا پر هي ماڻهو ائين ڇو هيو جنهن ماڻهن جي اهنجن کي دل تي ورتو هو؟ تنهن لاءِ مونکي ڀٽائيءَ جو رڳو هي بيت ور ور ڪري ذهن جي اسڪرين تي نمودار ٿيندي نظر ايندو آهي ته: “ الله ڏاهي م ٿيان، ڏاهيون ڏک ڏسن” سو هو ڄمندي ڄام هيو ۽ ڄمندي ئي ڏاهپ جي ستي پيتي هئائين.
ڪڏهن ڪڏهن ائين به لڳندو آهي ته هن کي 51 سالن جي جواني واري عمر ۾ ئي شايد واپس وڃڻو هيو تنهن ڪري ئي هو تڪڙ تڪڙ ايترا ڪم ڪري ويو جيڪي اڄ به تاريخ جي اڀ تي چوڏهين جي چنڊ جيان چمڪندي نظر اچن ٿا. هن واڍيلا بلوچ ڪميونٽي کي به متحد ڪري ورتو هو. هن سماجي تنظيم هينڊس جو بنياد به وجهي ڇڏيو هو ۽ هن شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلزپارٽي سان به پاند اٽڪائي ڇڏيو هو. جنهن کي دوست ذلفي چوندا هيا جنهن عوام جي خاطر ڦاهيءَ جي ڦندي کي چمندي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وڌو هو.
هن الله لوڪ ۽ يگاني شخص 1953 ۾ ملير ڪراچي جي هڪ ڳوٺڙي ۾ جنم ورتو هو ۽ 2004 ۾ دل جي بيوفائيءَ سبب هي جهان ڇڏيو هو. هي پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ۾ انڪري نه هيو جو اها ان دور جي مشهور سياسي پارٽي هئي ۽ نه انڪري ان سان سلهاڙيو هو جو هن جا ڪي مفاد هيا پر ماروئڙن جي درد ۽ شهيد ڀٽي جي مقناطيسي شخصيت کيس پ پ سان جوڙي ڇڏيو هو ۽ آخر تائين ان سان ئي رهيو. هن ملير جي عوام جي پيڙا کي دل سان محسوس ڪيو هو ۽ هو سندن اهنج ختم ڪرڻ چاهيندو هو انڪري ئي هو تمام گهڻو سرگرم ٿي ويو هو.
ڊاڪٽر درمحمد بلوچ ننڍي هوندي کان ئي حساس طبيعت رکندو هو. هو عوام کي غربت جي چڪيءَ ۾ پيسجندو ڏسندو هو ته تڙپي پوندو هو. هو کين بيمارين جي ور چڙهي زندگيءَ کان هارائيندي ڏسندو هو ته تڙپي پوندو هو ۽ پوءِ ڪچڙي عمر ۾ ئي ڊاڪٽر ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو هئائين ۽ پوءِ هو ڊاڪٽر ٿيو ۽ اي پي آءِ جو انچارج به بڻيو ۽ پوءِ ملير جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ وڃي ٻارڙن کي بيمارين کان بچاءَ جون پنهنجي نگرانيءَ ۾ ويڪسين ڪرايون ۽ ڏينهن رات ان ڪم کي سرانجام ڏنائين. ٻيو ته اسان جي ملڪ جو نظام ئي اهڙو آهي سو هن مڪمل طور تي ملير کي مسئلن کان آجو نه ڪرايو پر ان ۾ پنهنجو عملي ڪردار ادا ڪندي تاريخ ۾ هڪ مثال قائم ڪري ورتائين. باقي ته اسان سڀني کي خبر آهي ته شروع کان وٺي هٿ وٺي ملير کي پوئتي رکيو ويو آهي، اڄ به ملير جون سوين ٻهراڙيون پيئڻ جي پاڻيءَ جي کوٽ جو شڪار آهن، اڄ به غريب عورتون مٿي تي دلا رکي پاڻي جي ڳولا ۾ ميلن جا ميل سفر ڪن ٿيون. نه رڳو اهو پر هتان جو عوام سخت غذائي قلت جو به شڪار آهي غذائي قلت جي سبب ئي هتي صحت جو مامرو هميشه اڀريل رهيو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن ڊاڪٽر ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو هو.
هو هڪ فطري اڳواڻ هيو تنهن ڪري هو پنهنجي طبيعت ۾ بردبار، سادو ۽ ملنسار هيو. هو ڪاوڙ ڪري نه ڄاڻندو هو . هو ته ڀٽائي جي ڳنڍين سارو ڏينهن جي سٽ جهڙو هو تنهن ڪري ئي جيڪو به ساڻس هڪ ڀيرو ملندو هو ته مٿس فدا ٿي پوندو هو. هن تبديلي جو خواب ته ٻاراڻيءَ عمر ۾ ئي ڏسي ڇڏيو هو تنهن ڪري شايد اهو به سمجهي ورتو هئائين ته تعليم ئي انهن سمورن مسئلن جو حل آهي تنهن ڪري ئي هن جا شاگرديءَ جي زماني وارا دوست ۽ ڪلاس فيلوز ان ڳالهه جا گواهه آهن ته هو هاسٽل ۾ سڄي سڄي رات ويٺو پڙهندو هو. چيو هئائين ته ڊاڪٽر ٿيڻو آهي ته پوءِ ٿي ڏيکاريائين. هڪڙا ماڻهو پنهنجي آدرشن سان عشق ڪندا آهن ۽ خوابن جي تعبير کي ممڪن بڻائيندا آهن ۽ درمحمد سچ به اهڙن ماڻهن منجهان هڪ هو. پر اهڙي پنڌ جي پانڌيئڙن کي سندن جهڙا انقلابي ڪردار به ضرور ملي ويندا آهن جيڪي سندن ٻانهن ٻيلي ٿي خوابن جا تعبير گڏجي ڳولڻ ۾ مدد ڪندا آهن سو هن کي به ڊاڪٽر عبدالغفار بلو ۽ ڊاڪٽر شيخ تنوير ملي ويا هئا جن جي اکين ۾ هن جي خوابن جهڙا خواب جرڪي رهيا هئا پوءِ ته سون تي سهاڳو بڻجي ويو هو. ٻن اکين مان اڪيچار اکيون هڪ مٺ ٿي جهلملائڻ لڳيون هيون ته هر طرف روشني ڦهلجي وئي هئي.
هي جڏهن 1981 ۾ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ايم بي بي ايس ڪري چڪو هو ته ان ئي دور ۾ ڊاڪٽر عبدالغفار بلو جي نگرانيءَ ۾ هائوس جاب ڇا ڪئي هيائين ڄڻ ته هينڊز جو بنياد وجهڻ لاءِ پئي هائوس جاب ڪيائين. اتي ئي ساڻن ڊاڪٽر تنوير شيخ به مليو هو. هڪ ميلو هو جنهن ميلي ۾ عوام جا اهنج ڪپهه جيان سٽجي رهيا هئا، ۽ درمحمد ڳوٺ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي لاءِ صحت مرڪز جو بنياد وڌو هئائون، ۽ اهڙيءَ ريت ڄڻ ته عملي جدوجهد جي شروعات ڪري ڇڏي هئائون.
هن جي وڇوڙي جي چئن سالن کانپوءِ هينڊز جي ساٿين پاران ڊاڪٽر درمحمد بلوچ جي شخصيت ۽ جدوجهد تي جي حوالي سان “در ناياب” جي نالي سان ڪتاب شايع ڪيو ويو جنهن ۾ هن جي جدوجهد جي ساٿين ۽ هن جي دوستن جا ليک شامل ڪيا ويا آهن. جن کي پڙهندي ماڻهو جي اکين ۾ لڙڪ لڙي ٿا اچن ۽ گڏوگڏ هڪ سچي، کري ۽ عميق ڪردار جي سموري تاريخ اکين اڳيان تري ٿي اچي. ايم پي اي ساجد جوکيو کان ويندي شيرمحمد بلوچ تائين، فشرفوڪ جي محمد علي پٺاڻ کان ويندي گل حسن ڪلمتي ۽ ڊاڪٽر تنوير شيخ تائين سمورن عالمن، دانشورن ۽ متحرڪ ماڻهن پاران کيس خراج پيش ڪيو ويو آهي. ڪن کيس ملير جو عظيم انسان ته ڪن وري کيس ٿڌي مذاج جو سڏيو آهي. ڪي دوست اڄ به کيس ياد ڪندي اداس ٿي وڃن ٿا، هڪ دوست مٿس مضمون لکندي ان جو عنوان “هڪ شخص سڄي شهر کي ويران ڪري ويو” ڏنو آهي جيڪو ڄڻ ته سندس جدوجهد جي ساٿين ڊاڪٽرعبدالغفار بلو ۽ ڊاڪٽر تنوير شيخ پاران کيس ٽربيوٽ آهي، جيڪا پڻ هڪ بهترين روايت به آهي ته جدوجهد جا ساٿي پنهنجي وڇڙي ويل دوستن کي ياد ڪن ٿا جيڪو پڻ ٻين جدوجهد ڪندڙ ساٿين لاءِ پڻ اتساهه جو ڪارڻ آهي. هي هينڊز سماجي تنظيم جو پهريون رضاڪاراڻه خزانچي به بڻيو سنڌ جي خوبصورت شخصيت ڊاڪٽر تنوير جو چوڻ آهي ته جڏهن 1994 ۾ هو هينڊز جو ملازم بڻيو ته هن جو ساڻس تعلق مالڪ ۽ ملازم وارو هيو پر هن جي اندر جيئن ته هڪ عظيم انسان موجود هيو تنهن ڪري هن کيس ڪڏهن به اهو احساس نه ڏياريو.اڄ 28 اپريل تي ملير جي هن کاهوڙي جي ورسي آهي، اچو ته سندس جاکوڙي زندگيءَ کي پنهنجي راهه جي روشني بڻايون