ڪراچي ۾ ڪورنگي جي علائقي مان گذرڻ ٿئي تھ هڪ روڊ تي هڪ بورڊ لڳل نظر ايندو جنهن تي لکيل آهي ‘صبين محمود روڊ’.هي ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن طرفان شهر جي هڪ بهادر نياڻيءَ، هڪ ممتاز سماجي ڪارڪن، ڪمپيوٽر پروگرامر ۽ ڪراچي جي اداس نسلن لاءِ ‘T2F’ نالي ھڪ بيٺڪ ھلائيندڙ صبين محمود جي يادگيري کي زندهه رکڻ جي ڪاوش آهي. صبين، جيڪڏھن صبين محمود روڊ تان گاڏي هلائيندي گذري ها ته ضرور کِلي ھا تھ ‘T2F’ کان گهر ويندي،ڊفينس لائبريري جي ٽرئفڪ سگنل تي منهنجي چھري تي پنج گوليون هڻو (هڪ منهنجي ماءُ مهناز محمود جي ڪرنگھي ۾ اڄ بھ موجود آهي)ڪجهه ڏينھن بعد منهنجي قتل جي واحد اکين ڏٺي شاهد کي ماري ڇڏيو، پوءِ منهنجي مبينا قاتلن کي موت جي سزا ٻڌائي ُھن جي اپيل ٻڌڻ بھ وساري ڇڏيو، پر ھڪ روڊ تي صبين محمود جو بورڊ لڳائي ڇڏيو. هيءَ آھي منهنجي ڪراچي.صبين محمود جا ڪيترائي شوق هئا. انهن مان هڪ هو ته اهڙن ماڻهن کي ٻڌڻ، جن جي ڳالھھ نھ سرڪار ٻڌڻ لاءِ تيار ھئي نھ ميڊيا.
ڏهه سال اڳ به، بلوچستان مان مسنگ پرسنز جا خاندان پريس ڪلبن سامھون ٽريفڪ لائيٽن وٽ احتجاج ڪندا رھندا هئا. ان وقت،هن ننڍڙي گروپ جي قيادت ماما قدير ۽ فرزانه مجيد جي هٿن ۾ هئي.پوءِ هڪ ڏينهن، لاهور جي هڪ مشهور خانگي يونيورسٽي کيس سيمينار لاءِ دعوت ڏني.سيمينار کان هڪ ڏينهن اڳ، ٻه ماڻهو سوٽ ۽ بوٽ پائي وائيس چانسلر وٽ ويا. انھن جو تعلق ڪنھن ڳجھي ايجنسي سان ھو. انهن وائيس چانسلر کي خبر ناھي ڇا سمجھايو ۽ ڪهڙي ٻولي ۾ سمجهايو، جو سيمينار کي ئي ڪينسل ڪيو ويو.
ھڪ هزار ڪلوميٽر پري ڪراچيءَ ۾ ويٺي صبين محمود ڀوانٽجي وئي. ان يونيورسٽي ۾ پاڪستان جا سڀ کان وڌيڪ قابل وڪيل ۽ تاريخدان ويٺا آھن ۽ بورڊ ۾ پاڪستان جا سڀ کان طاقتور ماڻهو موجود آهن. انهن جو سڄو علم ۽ سموري طاقت گڏجي ڪري بھ ٻن نامعلوم ماڻهن کي سمجھائي نھ پئي سگھي تھ يونيورسٽي جي ڪنھن ڪمري ۾ ويهي ماڻھون پنهنجا ڏک سک شيئر ڪندا تھ قيامت نھ اچي ويندي.صبين فيصلو ڪيو ته جيڪو ڪم يونيورسٽي وارا نھ ڪري سگھيا ھوءَ اھو ‘T2F’ ۾ ڪندي.صبين بهادر ۽ ارڏي هئي، پر بيوقوف نه هئي. هن دوستن سان صلاح ڪئي، گھڻن اھو ئي مشورو ڏنو تھ اسان جا ”ادارا“ ڳالھيون دل تي وٺي وٺندا آھن، ڇڏيوس کڻي.
صبين جو دليل هو ته اسين ننڍا ماڻهو آهيون، اسان جا خوف به ننڍا آهن ‘T2F’ جو ھائوس فل بھ ٿئي، تڏهن به اسي يا نوي کان وڌيڪ ماڻهو نه ٿا اچي سگهن. حساس ادارا، وڌ ۾ وڌ، هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيڪس فائل کولي وٺندا، ڀڃ ڊاھ ڪندا، وطن دشمني چئي ڇڏيندا.سو اھو تھ اڳي ئي ڪندا رھندا آهن.جيڪو سيمينار يونيورسٽي ۾نه ٿي سگهيو ھو، ‘T2F’ ۾ ٿيو. ڪا به بدمزگيءَ نه ٿي، سوال جواب،ڏک، سک.سيمينار ختم ٿيڻ جي 20 منٽن بعد صبين محمود پنهنجي ماءُ مهناز محمود سان گڏ پنھنجي گاڏي ۾ گهر وڃي رهي هئي تڏهن کيس گولي هڻي قتل ڪيو ويو.
سڀني جي دلين تي هڪ سرد خاموشي ڇانئجي وئي. پيغام واضح هوتھ طاقتور ماڻهن کي چيو ويو هو ته ان موضوع تي ڳالھھ نھ ڪجو ۽ اهي سمجهي ويا. جيڪڏهن نه سمجهندا ۽ ضد ڪندا ته انجام اھو ئي ٿيندو۽ 20 منٽن جي اندر اندر ٿيندو.پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ اسان کي ٻڌايو ويو ته توهان غلط چئو ٿا، صبين جي قتل جو بلوچستان سيمينار سان ڪو به تعلق ناهي. اسان قاتل کي پڪڙيو آهي ۽ هوءَ چوي ٿو ته هن صبين کي ان ڪري ماريو ڇاڪاڻ ته هوءَ ويلنٽائن ڊي ملهائيندي هئي.
صبين پڻ سويلين هئي، سندس قاتل پڻ سويلين هو، پر سندس ڪيس فوجي عدالت ۾ هليو ۽ ملزم کي موت جي سزا ملي. ملزم جي اپيل گذريل 9 سالن کان عدالت ۾ آهي. صبين محمود جيئن تھ موت جي سزا جي خلاف هئي، شايد هو پاڻ بھ ان اپيل جي حق ۾ پٽيشن وجھي ڇڏي ھا.صبين کي جڏھن اسان کان ڇنيو ويو تھ ھن جي عمر چاليهه سال هئي،هن کي بي آواز ماڻهن جي آواز بڻجڻ کان علاوه ٻيا به ڪيترائي شوق هئا.هوءَ ننڍپڻ کان ئي ڪمپيوٽر جو ڪيڙو هئي، تنهن ڪري هن پنهنجو ڪاروبار جاري رکندي ھئي. گڏوگڏ هوءَ گهٽين ۾ ڪرڪيٽ کيڏندي هئي، ڪراچي جي برگر ٻارن کي قوالي ٻڌڻ جا آداب سيکاريندي هئي ۽ ڀتين تي ڳاڙهي رنگ جي دلين جو تصويرون ۽ گل ٺاهيندي هئي.
” ويجھو اچڻ ڏيو، پيار ٿيڻ ڏيو” جهڙا نعرا پوسٽرن تي لکندي هئي ۽ هڪ سائنس جو سينٽر هلائيندي هئي.جون ايليا تي بحث مباحثا ڪرائيندي هئي، اهڙن اھڙن ليکڪن جا ڪتاب لانچ ڪرائيندي هئي. جيڪي هن جي ايڪٽوزم جو مذاق اڏائيندا هئا ۽ اهڙن اھڙن شاعرن لاءِ دروازا کليل رکندي هئي جن جي شاعري هن ڪڏهن به نه پڙهي هئي.ميلن ملاکڙن جي شوقين هئي ۽ پاڻ به ميلا ڪرائيندي هئي.خواب ڏسندي هئي ۽ خواب ڏسندڙن کي ويجهو رکندي هئي.ڊرامو ڪرڻو ھجي، هال نه ملي،صبين ڏانهن وڃو.تصويرون ٺاهيون آهن. ڪراچي ۾ ڪا به گيلري کنگھي ئي نٿي.تھ صبين آھي نھ. لطيفا لکي ورتا، پر ڪٿي ٻڌايون.ان لاءِ T2F ھلو.طبلو سکڻو آھي ڪٿي وڃجي، هن هڪ استاد رکيو آهي. ڪجهه به ڪرڻ لاءِ دل نٿي ڪري، اداس آهيو. صبين جو دروازو هميشه کليل هوندو،ھليا اچو.ان سڀ کان ٿڪجي، هوءَ ڪڏهن ڪڏهن ڀڄي وڃڻ جو بھ سوچيندي ھئي تھ، ڪٿي وڃي ڪري تعليم حاصل ڪري،ڪو نئون ھنر سکي.صبين جا ڪيترائي شوق هئا، ڪيترائي هن پنهنجي مختصر ۽ ڀرپور زندگي ۾ پورا ڪيا، پر هن جو اھو ڪڏهن به اهو شوق نه ھو ته ڪراچي جي ڪنهن گهٽي تي پنهنجي نالي جي تختي لڳائي وڃي. پر اسان بھ اھا تختي لڳائي ساھ پٽيوسين.