ڪنڌڪوٽ ۾ وڪيلن جو ڌرڻو جاري،زين شاهه قافلي سميت شريڪ

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ:ممتازسنڌي+عرفان کوسو) ڪئنالن خلاف ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي گولا موڙ تي ڇھين ڏينهن تي به احتجاجي ڌرڻو جاري وڪيل عبدالغني بجاراڻي، اڪرم باجڪاڻي، دلمراد ڏاھاڻي،  ظريت بجاراڻي، ڊاڪٽر ميھر چند، حاجي حضور بخش مغل،عبدالعزيز سومرو،شعبان جکراڻي،عبدالصمد بجاراڻي، شعيب سھرياڻي،قمرالدين سھرياڻي، اصغر شيخ، شاھنواز مرهٽو، رحمدل لاشاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو جاري آهي ڌرڻي سبب سنڌ کان پنجاب ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ڌرڻي ۾ ايس يو پي جو مرڪزي صدر سيد زين شاھ قافلي جي صورت ۾ پھتو سيد زين شاھ ڌرڻي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ڌرڻو هڻي پنجاب جو رستو مڪمل بند ڪيو ويو آهي ڪنڌڪوٽ جي وڪيلن، قوم پرستن، صحافين کي سلام آهي جن پاڻي خاطر قومي فرض ادا ڪري ڌرڻو لڳايو آهي حڪومت جي ڪوڙين ڳالھين ۾ سنڌ جي عوام نه ايندو سنڌ جاڳي پئي آهي سنڌ ۽ بلوچستان جون حڪومتون وٺي زرداري بلوچستان ۽ سنڌ جا وسيلا وڪڻي آيو آهي.اسان سنڌ جي ماڻهن کي باخبر ڪيو آهي،هن چيو ته وفاقي حڪومت پ پ جي سينيٽرن ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز کي چيو ويو ته ڌرڻا هڻندڙن خلاف ڳالهايو ڪينالن خلاف پي ٽي آءِسينيٽ ۾ ٺهراءُ آندو ته پ پ واڪ آئوٽ ڪري وئي.پ پ هاڻي ماڻهن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ هاڻي ڪڏهن حيدرآباد.ڪڏهن سکر ته ڪڏهن نئوديرو ۾ جلسا جلوس ڪري ماڻهن جو ٽيمپو چيڪ ڪري رهي آهي.ڪئنالن کي رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن سامهون آندو وڃي ۽ جيڪي زمينون زرداري وفاقي حڪومت کي وڪرو ڪيون آهن اهي وفاق کان واپس ڪرايا وڃن ان بعد ئي ڌرڻا ختم ڪيا ويندا.هن چيو ته اسان نه چاهيون ٿا ته جئين بلوچستان ۾ نوجوان مذاحمت ڪن اگر سنڌ ۾ ائين ٿيو ته خطرناڪ نتيجا نڪرندا.پ پ وارا عوام سان آخر تائين ڪوڙ ڳالهائيندا رهندا، وڪيل  عبدالغني بجاراڻي. اڪرم باجڪاڻي.دلمراد ڏاهاڻي. والي ڏنو سنڌي.ظريت بجاراڻي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌو درياء مٿان ڪنهن به صورت ۾ نوان ڪينال ٺهڻ نه ڏينداسين.وفاقي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي لولي پاپ ڏئي اسان کي بيوقوف بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.اسان کي ڪينالن جي رد ٿيڻ وارو نوٽيفڪيشن نه ملندو ايستائين اسان جو هي ڌرڻو جاري رهندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.