نئون ديرو (رپورٽ: محمد علي جروار) نئون ديرو ۾ سول سوسائٽي پاران شگر مل باءِ پاس روڊ تي علي رضا عباسي، خالد ڪوري، راحيل ڪلهوڙو، شبير ڪلهوڙو، سرتاج شيخ، محمد شريف ابڙو، منير مڱڻيجو، محمد بخش ناريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو ڪالهه ڇهين ڏينهن به جاري هو جنهن ڪري مال بردار ٽرالر ۽ ٽرڪون به 6 ڏينهن به روڊ تي بيٺل رهيون، جنرل ريئل اسٽيٽ ايجنٽس ايسوسيئيشن اڳواڻن بخت شاهه، معشوق ميراڻي، ممتاز جکرو، مشڪور قاضي، حليم جيهو، اياز ڪلهوڙو، وحيد جيهو، عبدالحق ابڙو ۽ ٻين ڌرڻي ۾ پهچي مظاهرين مٿان گلن جي ورکا ڪئي، جنهن بعد ايس ايس پي لاڙڪاڻو احمد چوڌري جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن ڌرڻي تي ڪاهه ڪري ڪئمپ پٽي ڇڏي ۽ ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ دڙڪا، داٻا ڏنا ۽ بيٺل لوڊر ٽرڪن ۽ ٽرالرن کي زبردستي ڪڍرايو. ان دوران ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جنهن بعد ايس ايس پي ڌرڻي جي اڳواڻن خالد ڪوري، راحيل ڪلهوڙو، سرتاج شيخ ۽ ٻين سان ڳالهيون ڪري عارضي طور وي آءِ پيز کي رستو ڏيڻ تي راضي ڪيو، ڪراس ڏيڻ بعد واعدي تان ڦري ويو ۽ ٻيهر ڪاهه ڪري زوري ڪئمپ ختم ڪرائي، ان دوران نوجوان محمد بخش ناريجو نٽهڻ اس ۾ تتل روڊ تي گاڏين آڏو سمهي ڀرپور مزاحمت ڪئي، جنهن کي موجود پوليس اهلڪارن ٽنگو ٽالي ڪري گاڏين آڏو کڻي روڊ جي پاسي ويهاري روڪي ڇڏيو ۽ ٽڪرن کي پنهنجي نگراني ۾ ڌرڻي واري هنڌ تان ڪڍرايو، پوليس جي اهڙي رويي خلاف سول سوسائٽي پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو.