ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو)ملير بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن پاران سنڌو مان ڇھھ ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمينن، 26هين ترميم، پيڪا ايڪٽ خلاف ملير جي مين نيشنل ھاءِ وي تي لڳل ڌرڻو پنجين ڏينھن بھ جاري،سول سوسائٽي، سياسي سماجي ۽ قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو ڌرڻي ۾ اچڻ جو سلسلو جاري، ڌرڻي سبب مين نيشنل ھاءِ وي چئن ڏينھن کان بلاڪ، گاڏين جون قطارون لڳل، ڌرڻي ۾ ملير بار جي صدر ارشاد شر، جنرل سيڪريٽري اياز چانڊيو، ناصر رضا رند ۽ ڪراچي جي وڪيل اڳواڻن سميت سنڌ انڊيجنيس جي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھھ، ايس ٽي پي اڳواڻ پير بخش بھلڪاڻي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تھ وزيراعظم ۽ چيئرمين پيپلزپارٽي ملاقات بعد سنڌ جي عوام کي معاملو ختم ڪرڻ جي بجاءِ سي سي آءِ ۾ کڻي وڃڻ وارو لالي پاپ مليو آھي، سنڌ جي ماڻھن سان ڊرامو ڪيو پيو وڃي، ڌرڻي ۾ ويٺل ڪارڪنن ۽ وڪيلن لاءِ برياني، شربت ۽ پاڻي جي بوتلن جو انتظام سماجي اڳواڻ شفيق ٻگھيو، دانش کوکر، نظير ڦلپوٽو، اڪرام ڏيرو، علي نواز ڪاڪيپوٽو، نديم سيال ۽ لطف ڦلپوٽو پاران ڪيو ويو .