اسلام آباد(م ڊ) ڀارت آبي جارحيت جي شروعات ڪري ڇڏي آهي ۽ اطلاع ڏيڻ کان سواءِ مظفرآباد جي علائقي هٽيان بالا ۾ جهلم درياهه ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو آهي، جنهن سبب مظفرآباد جي انتظاميا آبي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، والاريل ڪشمير جي ضلعي اننت ناگ مان نڪري، اُڙي کان ٿيندي چڪوٺي ۾ داخل ٿيندڙ درياءِ جهلم ۾ اوچتو تيزيءَ سان پاڻي وڌڻ لڳو ۽ درياءَ جي سطح اوچتو بلند ٿي وئي، جنهن سبب علائقي جي ماڻهن ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو، درياءَ جي ڪناري واري وسندين ۾ مسجدن مان اعلان شروع ٿي ويا، واضح رهي ته قبضي هيٺ واديِ پَهِلگام ۾ سياحن تي حملي کانپوءِ ڀارت پاڪستان سان سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ سميت ڪيترائي ٻيا اعلان به ڪيا هئا.