ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي گھرو کاتي واري وزير ضياءُالحسن لنجار ٻٻرلو بائي پاس تي ويٺل ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي درخواست ڪندي چيو آهي ته وڪيل ۽ ٻيا شرڪت ڪندڙ ماڻھو ڌرڻو ختم ڪن، ڪيترن ڏينهن کان ھلندڙ ڌرڻي سبب ملڪ جي عوام خصوصاً سنڌ جي عوام کي سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. هن چيو ته سوشل ميڊيا تي مون سان منفي ڳالهيون منسوب ڪيون پيون وڃن. اهڙيون ڳالهيون جيڪي مون چيون ئي نه آهن، اهي مون سان منسوب ڪري پکيڙيون پيون وڃن جيڪي ڪوڙ يون ۽ بي بنياد آهن. هن جو چوڻ هو ته سوشل ميڊيا تي غلط ڳالهيون پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي. احتجاج ڪندڙ مظاهرين کي يقين ڏياريون ٿا ته ڪئنال نه ٺهندا، هي منصوبو دفن ٿي ويو آهي، ڌرڻي جي شرڪاءَ تي طاقت جي استعمال جو ڪو آپشن غور ھيٺ ناهي.