پاڪستان لاءِ قربانيون ڏنيون،حفاظت ڪرڻ اچي ٿي: آرمي چيف

اسلام آباد(م ڊ) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته اسان جي ابن ڏاڏن پاڪستان جي قيام خاطر بي شمار قربانيون ڏنيون ۽ بي مثال جدوجهد ڪئي، اسان کي ان جي حفاظت ڪرڻ اچي ٿي، پاڪستان ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول ۾ پاسنگ آئوٽ پريڊ جي تقريب کي خطاب ڪندي سپهه سالار چيو ته اسان مسلمان زندگي جي هر پهلوءَ ۾ هندن کان مختلف آهيون، اسان جو مذهب، رسمون، روايتون، سوچ ۽ ارادا هندن کان بلڪل الڳ آهن، ٻه قومي نظريي جو بنياد اهو هو ته مسلمان ۽ هندو ٻه ڌار قومون آهن، هڪ قوم نه آهن ۽ اسان جي ابن ڏاڏن پاڪستان جي قيام لاءِ اڻ ڳڻيون قربانيون ڏنيون ۽ بي مثال جدوجهد ڪئي، اسان پاڪستان لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اسان کي ان جي حفاظت ڪرڻ اچي ٿي، ڀارتي ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا جي پروپيگنڊا تاريخ تبديل نه ٿي ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.