مان تاريخ جو شاگرد تھ نھ آھيان پوءِ بھ مون کي گمان آھي تھ سنڌ جي تاريخ ۾ ٻھ حادثا اھڙا آھن جن کي درست لکيو نھ ويو آھي يا انھن جي درست ڇنڊ ڇاڻ نھ ڪئي وئي آھي. ھڪ عربن ھٿان سنڌ جي شڪست 712ع۽ ٻي انگريزن جي ھٿان سنڌ جي شڪست 1843ع مون کي يقين آھي تھ مٿيون ٻئي شڪستون، سنڌ جي حڪمرانن جون شڪستون تھ ضرور آھن، جن سببن ڪري سنڌ ڊگھي غلاميءَ ۾ ھلي ويئي پر اھي شڪستون سنڌين جون نھ آھن. سنڌين اڄ تائين شڪست کاڌي ھجي اھو ويچار ٺيڪ نھ آھي. تاريخدانن کي ھڪ ڀيرو ٻيھر مٿين ٻنھي واقعن تي تاريخي نظرثاني ڪرڻ گھرجي.
منھنجو گمان گھڻي حد تائين يقين ۾ تڏھن بدليو آھي، جڏھن منھنجي مطالعي مان نامياري بنگالي ليکڪا ديباسِري چڪرورتيءَ جو راجا ڏاھر بابت لکيل ناول ”مھا راجا ڏاھر“ گذريو آھي، جيتوڻيڪ تاريخ ۽ فڪشن ۾ فرق سمجھڻ گھرجي پر ليکڪا بنيادي طور تاريخ جي موضوع تي پي ايڇ ڊي آھي ۽ ھن تاريخ کي کڻي ئي پنھنجو ناول تخليق ڪيو آھي.
ھيءُ ناول اسان جي نامياري صحافي نصير اعجاز صاحب ترجمو ڪيو آھي ۽ بيحد وڻندڙ نموني ڪيو آھي. ناول پڙھندي، پڙھندڙ محسوس نھ ڪندئو تھ ھيءُ ناول ڪنھن ٻيءَ ٻوليءَ مان ترجمو ڪيل آھي، اھا ھن ترجمي جي پھرين خوبي آھي. نصير اعجاز صاحب جو ٻوليءَ تي ضابطو سندس ھن ناول جي ترجمي مان بھ چِٽو ٿي رھيو آھي. ٻيءَ طرح ھن ھڪ کان وڌيڪ ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا آھن.
”مھا راجا ڏاھر“ ناول 712ع کان شروع ٿئي ٿو ۽ ان جي واقعن جو سلسلو 2021ع تائين ھلي ٿو ان وچ ۾ سنڌ سان ڇا ٿيندو رھيو آھي. ان سڀ تي ھڪ تاريخ جي شاگرد ھجڻ سبب ديباسِري چڪرورتيءَ جي نظر ڌيان واري آھي. اڄ جي حالتن کي ڏسندي خاص طور 1971ع ۾ بنگالين جي قتلام کان پوءِ پاڪستان ۽ انڊيا جي لڪل سرگرمين کي ناول ۾ ڏسي. ڌيان ماضيءَ ڏانھن وڃي ٿو ۽ عربن پاران راجا ڏاھر جي شڪست پويان لڪل اھي چالبازيون چٽيون ٿي وڃن ٿيون.
ناول جون باريڪيون ايتريون گھريون آھن، جو پتو پوي ٿو تھ ليکڪا ناول تي نھايت گھڻي محنت ڪئي. ناول اڄ تائين ايندي فليش بيڪ ۾ 712ع ۾ راجا ڏاھر جي دور ڏانھن ھليو وڃي ٿو، ھت تاريخ جي پڙھندڙ لاءِ ھڪ اھم سوال تھ اڀري ٿو تھ راءِ گھراڻي کان برھمڻ گھراڻي تائين عربن سنڌين کان سترھن شڪستون کاڌيون ارڙھين شڪست راجا ڏاھر جي ھئي ھن شڪست بابت ناول جون وضاحتون فڪشن ھيٺ آھن، تاريخي وضاحتون سنڌي ودوان گنگارام سمراٽ جي ڪتاب ”نئون چچ نامو عرف ڀينڪر دوکو“ ۾ ڏنل آھن، جن پڙھندڙن سمراٽ صاحب جو ڪتاب پڙھيو آھي اھي ھن ناول ۾ آيل راجا ڏاھر جي شڪست جي ڪن سببن کي آسانيءَ سان سمجھي سگھن ٿا. راجا ڏاھر جي شڪست سان سنڌ ڊگھي غلاميءَ ۾ ھلي وئي جيڪا اڄ جي تاريخ تائين ھلي رھي آھي. پوءِ بھ مان راجا ڏاھر جي شڪست کي سنڌين جي شڪست قبولڻ لاءِ تيار نھ آھيان، جيئن انگريزن ھٿان ھارائڻ سنڌ جي حڪمرانن جو ھُئو سنڌ جي ماڻھن جو نھ ھُئو، ڇاڪاڻ سنڌي ماڻھو تاريخ ۾ راجا ڏاھر سان بھ سندس برھمڻ ازم جي شدت سبب گڏ نھ ھُئو ۽ ٽالپر حڪمرانن سان بھ سندن مذھبي ۽ نسلي شدت سبب گڏ نھ ھئو. منھنجي خيال ۾ تاريخدانن کي وري ويچارڻ گھرجي، 712ع جي شڪست کان اڳ جڏھن سنڌي ”ماڻھو“ عربن سان وڙھيو ٿي تڏھن سنڌين سترھن ڀيرا فتحون ماڻيون راجا ڏاھر ۽ سنڌي ماڻھن جي ان وڇوٽيءَ تي تحقيق ڪرڻ محققن جو ڪم آھي.ديبا سِري چڪرورتيءَ جو ھيءُ ناول ويچار جا الڳ رستا کوليندڙ آھي. ناول جو ڪردار پَنچجَانياسين/اقبال فيروزي بنگالي اداڪار آھي، ھن جو سمورو خاندان 1971ع ۾ پاڪستاني فوجين ھٿان ماريو ويو. سندس ھڪ ڏاڏي کان سواءِ!.
ھو پنھنجو غصو کڻي، ھلي ٿو. سندس تلاش راجا ڏاھر جي ڊائري ھٿ ڪرڻ آھي، جنھن ۾ شڪست جا سبب لکيل آھن، ان کان اڳ ھُن کي ھڪ ٻئي ملڪ جي جاسوس ھٿان راجا جي ڌيءَ سوريا ديويءَ جي ڊائريءَ ملي ٿي، جنھن اندر راجا ڏاھر جي ڊائريءَ جا پار پتا لکيل آھن. جيڪا ڊائري سوريا ديويءَ جي آھي ۽ آخري تاريخن ۾ ”شام“ ۾ لکيل آھي، راجا ڏاھر جي لکيل ڊائري اروڙ/راوڙ ھاڻوڪي روھڙي ڀرسان ملي ٿي جنھن تي بنگالي اداڪار جي ”راجا ڏاھر مشن“ پورو ٿئي ٿو. ھن سموري عمل کي ليکڪا ” راجا ڏاھر مشن“ ڪوٺيو آھي.
وچ ۾ ايترو گھڻو آھي جيڪو سڀ ھن ناول ۾ آھي، جنھن جون وضاحتون ليکڪا جي پاران ناول ۾ ڏنل ھڪ انٽرويوءَ ۽ نصير اعجاز صاحب جي سوالن مان ظاھر ٿين ٿيون. فڪشن ۾ راجا ڏاھر جي آس پاس ۽ سندس ڌيئرن جي آر پار منھنجي نظرن مان ھي ٽيون ناول گذريو آھي، پھريون ناول يشوڌرا واڌواڻيءَ پونا پاران ”سنڌو ڪنيا“ جي نالي سان سنڌي ۾ ترجمو ڪيو آھي، ٻيو ناول ڪراچيءَ مان عبدالمومن ميمڻ ”بنت ڏاھر“ جي نالي سان ترجمو ڪيو آھي ۽ ٽيون ناول ھيءُ آھي جيڪو نصير اعجاز صاحب ”مھا راجا ڏاھر“ جي نالي سان ترجمو ڪيو آھي، اتفاق آھي تھ ھنن ٽنھي ناولن جا لکندڙ سنڌي نھ آھن ۽ ٽنھي جون ناولن ۾ منشائون الڳ الڳ آھن، پر اھو طئي آھي تھ راجا ڏاھر جي شخصيت ايڏي وڏي آھي جو ٽنھي ناولن ۾ اڀري بيٺي آھي، پنھنجي شفي/توڻي نفي عملن سميت.
ديباسِري چڪرورتيءَ جي ناول ۾ ھنن ٻنھي ملڪن جون اندروني بڇڙايون بھ اُڀري آيون آھن جنھن ضابطي سان ليکڪا انھن کي اظھاريو آھي اھو اظھار ھن ناول کي ناٽڪ جي ويجھو آڻي بيھاري ٿو، ساڳئي وقت ھڪ تاريخي ناول کي ھڪ جاسوسي ناول جي ويجھو پڻ آڻي ٿو. مان سمجھان ٿو اُھي ھن ناول جا عيب آھن جيڪي ظاھر ٿي بيٺا آھن. ٻيءَ طرح ھن ناول مان ليکڪا جي سنڌو تھذيب سان لڳاءَ جي چٽي پڌرائي ٿئي ٿي، ساڳئي وقت ناول پاڻ ڏانھن پڙھندڙ جو ڌيان زوردار نموني ڇڪائي ٿو، ان عمل ۾ ترجمي ڪندڙ جي اھميت نمايان ٿئي ٿي، ٻن ٻولين جي احساس، ڏک، پيڙا ۽ ويچار کي ويجھو آڻڻ ۽ مترجمن جو گھڻي ۾ گھڻو حصو ھوندو آھي ۽ ھن ناول ۾ اھو حصو نصير اعجاز صاحب جو آھي، ان ڪري اھا تعريف ڏانھس ئي وڃڻ گھرجي.
ڪنھن بھ طرح ناول پڙھڻ جھڙو آھي ۽ ان کان پوءِ ويچارڻ جھڙو پڻ! فڪشن کان ٻاھر ناول تاريخ جي حدن کي ڇھي ٿو. ليکڪا تاريخ جو اھو ئي رُخ پنھنجو ڪيو آھي، جيڪو عرب تاريخدانن جو نھ آھي، ھن کنڊ جي تاريخدانن جو آھي ۽ خاص ڪري مظلوم قومن جي تاريخدانن جو آھي، ڇاڪاڻ تھ ڏک ساڳيو آھي ۽ ڏک جي ڪا بھ ٻولي نھ ھوندي آھي. اھو سڀني لاءِ ھڪ جھڙو ھوندو آھي، سوريا ديوي ۽ پريمل ديوي جو ڏک ھتان جي انھن مڙني عورتن جو ڏک آھي، جن غلامي ڀوڳي آھي. ديباسِري چڪرورتيءَ جو پنھنجو دک بھ ھن ناول ۾ شامل آھي. تاريخ جي ھن وڏي ڏک کي ديباسري چڪرورتيءَ جيڪو اظھار ڏنو آھي اھو ساراھڻ کان سواءِ رھڻ ڏکيو ٿيندو ۽ ناول کي ھڪ عاليشان سنڌي ويس پارائڻ لاءِ نصير اعجاز صاحب تھ بيحد گھڻيون تعريفون لھڻي ۽ اھي بھ شعور جي سچائيءَ ۽ دل جي حضور سان مون کي ايترو ئي لکڻو ھُئو.