سنڌ ھن وقت نئين تاريخ رقم ڪري رهي آهي. روزاني جي بنياد تي لکين سنڌي عوام عوامي طاقت جو عملي مظاهرو ڪري روڊن تي آھي ھر طبقي جو ماڻهو وطن خاطر احتجاج جا نت نوان لاڙا استعمال ڪري حڪمرانن کي باور پيو ڪرائي ته ڪئنالن سميت سنڌ دشمن منصوبن کي ڪنھن به صورت ۾ ڪامياب ڪرڻ نه ڏيندو. ان ڪامياب جدوجهد کي ڏسندي هاڻي انتقامي ڪارروايون به شروع ٿي چڪيون آهن. جنھن جو تازو مثال آئون بڻيوآھيان. ملير ۾ويھن سالن کان صحافت لاڳاپيل آھيان ڪجهه عرصو اڳ ترقي پسند پارٽيءَ پاران گھگھر تي ڪئنال ٺاھڻ خلاف نيشنل هاءِ تڌرڻو ھنيو ويو ملير جي ٻين صحافين سان گڏصحافتي سرگرميون سرانجام پئي ڏنيون ان دوران ڌرڻي وارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو. ڄاڻي واڻي ان ڪيس ۾منجھو نالو ڏنو ويو وري ملير جي وڪيلن پاران لنڪ روڊ نيشنل هاءِ تي ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو اتفاق سان مين نيشنل هاءِ تي منهنجو ڳوٺ عبدالرحمان ڪلمتي آھي جيڪو پاڪستان جي ٺھڻ کان اڳ جو اھو آھي انتقامي ڪارروائي ڪندي قبضا مافيا انتظاميا سان گڏجي حملوڪيو، مون سميت ڳوٺا ڻان زخمي ٿيا اھو ان لاءِ ته خوفزده ٿي ڪري ڌرڻي وارن جو ساٿ نه ڏين اھڙين بزدلاڻين ڪاررواين ذريعي سنڌ سان محبت جي عظيم مقصد تان ھٽائي نه ٿوسگھجي
محمد خان ڪلمتي/ ڪراچي