وايون بتال ڪندڙ ٻٻرلوءِ ڌرڻو

تحرير: ياسمين چانڊيو

پاڻيءَ جو بحران سنڌ جي بقا جو سوال بڻجي ويو آهي، جتي ڌرتي سڪي رهي آهي، ٻنيون ٻارا  اجڙي رهيا آهن، ۽ درياءَ جي  دل ۾ رھندڙ آبي حيات سان گڏ هاڻ مڇيون به ناپيد ٿي رهيون آهن. اهڙي وقت ۾ سنڌ واسين، خاص طور تي وڪيلن جي شروع ڪيل تحريڪ، وفاقي ناانصافين خلاف احتجاج جو هڪ نئون باب کوليو آھي .تاريخ شاهد آھي ته جڏھن جڏهن  سنڌ تي ڪاھون ٿيون  سازشون  ٿيون  يا ڌاڙا لڳا ، ته سنڌ ڪڏھن به خاموش نه  رھي ، نه ئي اڳ  خاموش هئي ، نه اڄ  آھي. هيءَ ڌرتي پنهنجن پيرن تي بيهڻ ڄاڻي ٿي، پنهنجن زخمن کي پاڻ  مرهم لڳائڻ ڄاڻي ٿي.

ھاڻ  به تاريخ پاڻ کي ورجايو آھي. ٻٻرلوءِ جي ڌرتيءَ تي، جن ڪارن ڪوٽن وارن  وڪيلن ۽ عام ماڻهن گڏجي جيڪو موقف کنيو آھي، اُهو رڳو احتجاج ناهي اھو سنڌ جي شعور، ضمير، ۽ غيرت جي زنده تصوير آھي.

ھي جيڪو ڌرڻو آھي  اُن  حڪمرانن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آھن. هيءَ ڪا  عام رواجي ڳالهه  ناھي ، هي ته ڪاوڙ، مايوسي، ۽ صدين جي ناانصافيءَ خلاف سڌو جواب آھي .  ھاڻ عوام  پاڻمرادو نڪتو آھي، نه ڪو اعلان نه، ڪو اڳواڻ ، بس ڌرتيءَ جي سڏ تي ڌرتيءَ جا ٻچڙا پاڻ ئي ميڙاڪا بڻجي ويا آھن.اڄ وقت اهو اچي ويو آھي، جو اڳي قيادتن پويان عوام ھلندو ھو، پر هاڻ ته قيادتون عوام پويان ھلڻ تي مجبور ٿي ويون  آھن! ٻٻرلوءِ رڳو ھڪ جڳهه نه، پر مزاحمت جو نئون نالو بڻجي ويو آھي.

وڪيلن جو ڪاڙھي جھڙي گرميءَ ۾ لڳايل ڌرڻو ثابت ڪري ٿو ته سنڌ جا سپوت پنهنجي ڌرتيءَ تي لڳندڙ هر ڌاڙي جو حساب گهرڻ ڄاڻن ٿا. سندن هٿن ۾ رڳو فائيلون نه آھن ، پر حقن جون فريادون، آھن  سندن اکين ۾  اميد ايندڙ    نسلن لاءِ تحفظ جو درد پڻ آھي ،اها سنڌ جي فتح آهي. اها فتح هر ان شعور جي آهي، جيڪو سي سي آءِ جهڙن وفاقي ادارن کي وائکو ڪري رهيو آهي. اها فتح انهن ماڻهن جي آهي، جن سمجهي ورتو آهي ته پيپلزپارٽي جو هر ڊرامو سنڌين کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ لاءِ آهي، ته وفاق سان ڪيل ڳجها معاهدا سنڌ جي حصي جو پاڻي به سڪائي رهيا آهن.

ٻئي پاسي پاڪستان جي آئيني ڍانچي مطابق، پاڻي، وسيلن جي ورڇ، ۽ بين الصوبائي مامرن لاءِ مشترڪا مفادن واري ڪائونسل (Council of Common Interests – CCI) قائم ڪئي وئي، جنهن جو چيئرمئن پاڻ وزيراعظم هوندو آهي، جڏهن ته ميمبر پڻ وزيراعظم جا چونڊيل هوندا آهن. سوال اهو آهي ته جڏهن اهو ادارو مڪمل طور تي وفاق جي هٿ هيٺ آهي ته پوءِ سنڌ لاءِ ڪهڙو انصاف ڪندو؟آهي.

عالمي ادارن جي رپورٽن  مطابق، پنجويهه لک ماڻھون ٻٻرلوءِ جي ڌرڻي ۾ موجود آھن ،جيڪا ڪا عام ڳالهه ناھي ھن ڌرڻي سڄي دنيا کي به وائڙو ڪري ڇڏيو آھي ڪيڏي نه وڏي خوشي جي ڳالهه آهي ته پنجويهه لک روح، هڪ ئي ڪيس  لاءِ وڙھي رھيا آھن .اھو ڪيس ڪنھن جي ذاتيات لاءِ نه پر پنھنجي ڌرتيءَ ۽ ان تي وھندڙ سنڌوندي ماءُ لاءِ پاڻيء لاءِ جيڪو سندن حق آهي، سنڌ اڄ پاڻ کي سڃاڻي چڪي آهي. ها، هيءَ اها سنڌ آهي، جيڪا  ڀٽائيءَ جي بيتن مان نڪري، هاڻ حيدرآباد، لاڙڪاڻي، ننگر پارڪر، سيوهڻ، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ ٻٻرلوءِ جي سڙڪن تي لهي چڪي آهي.

هي تاريخ جي نئين قسط آهي ، ٻٻرلوءِ ڌرڻي” نالي، جيڪا ڪارن ڪوٽن واري وڪيلن جي اھا جدوجهد آھي جيڪا ڪاڙهي جھڙي گرمي ۾،  به مسلسل  جاري ۽ ساري آھي ، جنهن ۾ وڪيلن،جي سڏ تي صحافين، شاگردن، ٻارڙن ،عورتن، ۽ مزدورن گڏجي هڪ آواز بڻجي، سنڌ جي پاڻيءَ لاءِ تاريخي احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي. وڪيلن جي تحريڪ، سنڌي عوام جي جاڳرتا، ۽ نوجوانن جي بيداري ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سنڌ وڌيڪ ظلم قبول نه ڪندي ۽ سنڌ کي سندس وسيلن، پاڻي، ۽ حقن تي مڪمل مالڪي ڏني وڃي ـ نه ته پوءِ سنڌ جي مالڪي ڪندڙ پنھنجي حقن جو فيصلو پاڻ ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.