اها ڪا نئين ڳالهه ناهي ته پاڪستاني سياست ۾ هر مسئلي کي تڏهن ئي اهميت ڏني ويندي آهي جڏهن اها ڪنهن خاص سياسي پارٽي جي مفاد ۾ هجي.وزيراعظم شهباز شريف پاران تڪراري ڪينال منصوبي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ آڻڻ ۽ بلاءِول ڀٽو زرداري سان گڏ بيهڻ ۽ گڏيل رضامندي کي ورجائڻ جو اعلاءِن دراصل سياسي مصلحت کي اصولي طور لڪائڻ جي ڪوشش آهي.پاڪستان هڪ وفاق ضرور آهي، پر بدقسمتي سان هتي جو وفاق مفلسي هيٺ دفن ٿي ويو آهي. ڪالاءِ باغ ڊيم جهڙو سنڌ دشمن منصوبو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ملڪ جي معيشت، زراعت ۽ توانائي جي بحران جو شڪار آهي ان جي باوجود وفاق هڪ سياسي پارٽي کي راضي ڪرڻ لاءِ ڇهن ڪئنالن جو مسئلو کڙو ڪري پنهنجي لاءِ ڪيترائي مسئلاءِ پيدا ڪيا آهن۔توڙي جو پ پ پ ان معاملي ۾ ڌر بڻجي ٻٽي پاليسي اپنائي ويٺي آهي انڪري ان جو حل وفاقي جماعتن وٽ نه پر سنڌ جي انهن غيور پارٽين وٽ آهي جيڪي اٺن ڏينهن کان ڌرڻو هڻي ويٺل آهن
وزيراعظم شهباز شريف پي پي چيئرمين بلاءِول ڀٽو زرداري سامهون ان منصوبي کي پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ قرار ڏئي سنڌ جي ماڻهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو ۽ بلاءِول زرداري اهو سڀ ڪجهه ٻڌي سندس حمايت ڪندو رهيو هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پ پ پ سنڌ جي عوام جو آواز آهي ڇا سندس پارٽي گذريل ٽيهه سالن ۾ سنڌ جي خوشحالي لاءِ ڪو ميگا پراجيڪٽ ورتو آهي۔ يا سنڌ دشمن سان ويهي سنڌ خلاءِف هر سازش تي ها ۾ ها ملاءِئي خاموشي اختيار ڪئي آهي۔ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ساٿاري چون پيا ته ڪئنالن جي معاملي تي اسان پي پي پي کانسواءِ ڪنهن سان نه ڳالهائينداسين۔ ان جو مقصد ته پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري سنڌ کي اڃا وڌيڪ تباهي ڪناري پهچائينداسين۔ کين ڪنهن ٻڌايو آهي ته پ پ پ سنڌ جي ماڻهن جي نمائنده جماعت آهي۔ اها ته پنجاب سامراج ۽ اسٽبلشمينٽ جي پيداوار آهي انهن کي نه سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن جو فڪر آهي ۽ نه وري سنڌو دريا جو فڪر آهي؟ اها اسانجي دردن جي دوا نه ٿي ڪري سگهي۔
ڇا پ پ پ يا وفاق ڪنهن به معاملي تي سنڌ جي اعتراضن کي اوليت ڏني آهي، پري نه وڃو هن وقت جي وڏي ۾ وڏي اشو سنڌو دريا تي ڇا سنجيدگي سان غور ڪيو آهي ته اسانجي انهن اعتراضن جي نوعيت ۽ حقيقت ڇا آهي؟ يا اسان جا اهي اعتراض جائز آهن يا رڳو سياسي نعرن جي پيداوار آهن؟ اسان واضح چيو هو ته ڪالاءِباغ ڊيم سان سنڌ کي نقصان پيو ٿئي ان لاءِ ڪيتريون ئي ڪميٽيون ٺاهيون ويون پر ڪو حل نه نڪتو ان جي باوجود هو ان رٿا تي وقفي وقفي سان سائنسي يا قانوني دليل ڏيندا رهن ٿا ۽ ڊيلٽا کي سمجهڻ بنا پاڻي ضايع ٿيڻ جون ڳالهيون ڪندا رهن ٿا ۽ مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهي زنده ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا۔ حقيقت اها آهي ته پيپلز پارٽي هميشه ڪالاءِباغ ڊيم کان وٺي ڪئنال رٿا ۽ وسيلن توڙي زمينن جي وڪري واري مسئلي کي پنهنجي ووٽ بئنڪ بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو ۽ مسلم ليگ ن هميشه سياسي وقت جو انتظار ڪيو.
گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اهميت کان ڪنهن کي به انڪار ناهي، پر ڇا واقعي اها ڪائونسل صوبن جا مسئلاءِ حل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي رهي آهي يا رڳو سياسي توازن برقرار رکڻ لاءِ ٺاهي وئي آهي؟ڇوته سي سي آءِ (گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي جوڙجڪ هن وقت هيئن آهي:
- وزيراعظم شھباز شريف ڪئنالن جو حامي ۽ منظوري ڏيندڙ
- نائب وزيراعظم اسحاق ڊار (ن) ليگ جو رهنما ۽ ڪئنالن جو مڪمل حامي
- وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز مسلم ليگ ن جي صدر ۽ ڪينال پنجاب جي انا جو مسئلو آھن.
4.سرفراز بگٽي گذريل پنجن مهينن کان ڪڇي ڪينال مڪمل ڪرڻ لاءِ ڏھاڪو گڏجاڻين جي صدارت ڪندڙ ۽ ڪينال کي گيم چينجر سمجهندڙ.
- وزيراعليٰ ڪي پي ڪي علي امين گنڊاپور نه هن جهان ۾ نه هن جهان ۾ رڳو پنهنجن پراون سان جهيڙا ڪندڙ
- وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاه- وفاق سان اقتدار ۾ ن ليگ سان گڏ ويٺل پ پ پ قيادت جو حصو ۽ ڪينالن جو حامي
7.امير مقام – مسلم ليگ ۽ ڪارپوريٽ فارنگ وارن جو ٻڌو ٻانھو.
انهن مطابق چيو ويو ته 2 مئي واري اجلاءِس ۾ اهي فيصلو ڪندا ته سنڌو درياهه تي ڪينال ٺاهجن يا نه ٺاهجن۔ ان لاءِ وزيراعظم شهباز شريف بلاءِول زرداري کي پاڻ سان گڏ ويهاري پريس ڪانفرنس ڪري وقت وڃايو۔ جيستائين ڪائونسل خالص نيت ۽ خلوص تي ٻڌل نه هوندي، تيستائين ان مان پيدا ٿيندڙ فيصلاءِ رڳو بيان ئي رهجي ويندا آهن. وزير اعظم کي جيڪڏهن مسئلو حل ڪرڻو آهي ته اجلاءِس جو انتظار ڇو ٿو ڪري۔ ڇا ڪئنال ٺاهڻ وقت ڪنهن کان منظوري ورتي هئائين؟ هاڻي چوي ٿو ته جيستائين گڏيل رضامندي نه ٿيندي تيستائين ڪئنال نه ٺهندا۔ هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن اهو اتفاق نه ٿيو ته پو ڇا ٿيندو؟ ڪئنال اشو ڪو سياستدانن جو مسئلو ناهي جو توهان هڪ فرد کي راضي ڪري ڪئنال ٺاهي وٺندو۔ سنڌ صوبي جي عوام جو فيصلو توهانجي سامهون آهي ته هن وقت سڄي سنڌ سراپا احتجاج آهي ته ڪنهن به صورت ۾ اهو منصوبو قبول ناهي۔
جيڪڏهن اهو منصوبو ٺهيو ته ايندڙ نسل پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ ترسندو رهندو سنڌو درياهه سموري جيوت جي جيئڻ جو ذريعو آهي۔ سنڌو مٿان غيرآئيني ۽ غير قانوني ڪئنال اهڙي وقت ۾ ٺاهي رهيا آهن جڏهن سنڌ جو زرعي شعبو تيزي سان تباهي طرف وڃي رهيو آهي. پاڻي جي کوٽ ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، زرعي پيداوار تمام گهڻي گهٽجي رهي آهي، هاري غربت سبب اجتماعي خودڪشيون ڪري رهيا آهن ۽ شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي به غير يقيني بڻجي رهي آهي.خاص طور تي ڪوٽڙي ڊائون سائيڊنگ سبب پاڻي جي وڏي کوٽ ٿي رهي آهي ۽ درياهه ۾ واري اڏامي رهي آهي انهن حالتن ۾ ڇا حڪمرانن کي اهڙن فيصلن ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪي صوبن لاءِ نقصانڪار هجن۔پوري قوم ڄاڻي ٿي ته ماضي ۾ ڪيترائي منصوبا منظوري کانپو فائلن ۾ دفن ٿي ويا آهن ته پوءِ هن فيصلي کي ڪهڙي اهميت حاصل هوندي!!ڇا وفاقي حڪومتن ڪڏهن عوام جي پو کي سامهون رکي پاليسيون ٺاهيون آهن يا طاقت جي زور تي فيصلاءِ مڙهيا آهن؟ جيڪڏهن ان جو جواب اهو آهي ته حڪمرانن ڏاڍ جي زور تي عوام جي آواز کي دٻايو آهي ته هاڻي عوام جي بيداري توهانکي غلط فيصلاءِ ڪرڻ ڪونه ڏيندي۔ اڄ جڏهن ملڪ معاشي بحران، سياسي عدم استحڪام ۽ ادارتي ڪمزوري جو شڪار بڻجي رهيو آهي، ته ڇا اهڙا مبهم بيان مسئلن جو حل آهن يا انهن جي شدت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي؟
حڪمرانن لاءِ وقت اچي ويو آهي ته اهي گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي محض رسمي پليٽ فارم بدران هڪ اهڙو فيصلو ڪندڙ ۽ بااختيار ادارو بڻائين، جنهن جا فيصلاءِ رڳو ٺهپو نه هجن پر ان تي عملدرآمد لاءِ عملي نقشو به هجن.ان ۾ رڳو سياستندانن جي پو شامل نه هجي بلڪه پاڻي جي ماهرن جي سوچ ۽ خدشا به شامل هجن جيڪي صوبن جي حق ۾ هجن۔ پاڪستان کي اڄ جنهن شي جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، اها آهي اها آهي فيصلي جي قوت۔ جنهن سان هر ماڻهو کي مطمئن ڪري سگهجي ٿو.هاڻي هي قوم وڌيڪ دير جي صبر ۽ متحمل نه ٿي سگهي. ڪينال، ڊيم، پاور پراجيڪٽ ۽ زراعت جهڙن نازڪ مسئلن تي سياسي بيان بازي بدران واضح ڊگهي مدي واري حڪمت عملي جي ضرورت آهي. ماڻهو پاڻي چاهين ٿا،ڪئنال منصوبو ختم ڪرڻ چاهين ٿا واعدو نه. هاري تقريرون نه، آبپاشي چاهين ٿا۔ ائين قوم ترقي چاهي ٿي، بي معنيٰ ملاءِقاتون نه گهرجن۔ شهباز حڪومت ۽ پيپلز پارٽي کي هن ملڪ جي عوام جي ڀلي لاءِ فيصلاءِ ڪرڻا پوندا۔ڌرتي، درياههه،وسيلن سان وفادار رهڻ سندن زميواري ۾ شامل هجي اهو تڏهن ئي ممڪن آهي، جڏهن سياسي انا، ذاتي مفادن ۽ وقتي فائدن کان بالاءِتر ٿي سوچجي. ٻي صورت ۾ اهي بيان ماضي جي ڪوڙن واعدن وانگر تاريخ جي ڪچري ۾ دفن ٿي ويندا ۽ قوم حڪمرانن خلاءِف سراپا احتجاج بڻيل رهندي۔