ڪجهه ڏينهن اڳ آزاد ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ 28 سياحن کي ظالماڻي نموني قتل ڪيو ويو. ڀارت انهن قتلن جو الزام پاڪستان تي مڙهي ڇڏيو آهي. ڀارت جو چوڻ آهي ته پاڪستان انهن سياحن کي قتل ڪرايو آهي. جڏهن ته اهو سڄو ڊرامو ڀارت جي خفيه ايجنسي “را” ڪرايو آهي. واقعي کان پوءِ ٻنهي ملڪن ۾ جنگ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي LOC تي ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. سوال هاڻي اهو آهي ته پاڪستان سياحن کي قتل ڇو ڪندو؟ جيڪڏهن پاڪستان ڪا اهڙي ڪارروائي ڪري ها ته ڀارتي فوجين کي ماري ها. سياحن ڪهڙو ڏوهه ڪيو پاڪستان جو؟ انهن سياحن ۾ ڀارتي به هئا ۽ پرڏيهي سياح به موجود هئا. انهن کي مارڻ ۾ پاڪستان جا ڪهڙا مقصد پورا ٿيا؟ ڀارت پاران واقعي جي جاچ ڪرائڻ بدران پاڪستان مٿان سڌو سنئون الزام لڳائي ڇڏيو.
عام تاثر اهو آهي ته ان واقعي ۾ به آمريڪا جا ڪي پردي پويان مقصد آهن. ان لاءِ ته آمريڪي صدر بيان ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي حڪمرانن کي آءُ چڱي طرح سڃاڻان ٿو اهي جنگ طرف نه ويندا ۽ مسئلو خودبخود حل ڪري وٺندا. آمريڪي صدر جي ان بيان مان لڳي ٿو ته هن مسئلي ۾ آمريڪا جا هٿ ٻڏل آهن. ڇاڪاڻ ته آمريڪا ۽ چين وچ ۾ سرد جنگ شروع ٿي وئي آهي. جيڪا تجارتي جنگ آهي ۽ آمريڪا پاڪستان مٿان دٻاءُ وڌائي رهيو آهي ته هو ڪنهن به معاملي ۾ چين جي بلاڪ مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري.
ڀارت پاڪستان جو پاڻي به بند ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان 1960 ۾ سنڌ طاس معاهدن طور وجود ۾ آيو. هن معاهدي تي ان وقت پاڪستان جي صدر جنرل ايوب خان ۽ ڀارت جي وزيراعظم جواهر لعل نهرو وچ ۾ 1960 ۾ ڪراچي ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون هيون. هن معاهدي ۾ لکيل آهي ته ڀارت هڪ طرفو ڪڏهن به معاهدو ختم نه ٿو ڪري سگهي ۽ پاڻي به بند نه ٿو ڪري سگهي. راوي، ستلج ۽ بياس جو ڪنٽرول ڀارت وٽ هوندو. بحرالحال پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ امن ۽ دوستي جا لاڳاپا هميشه گهٽ ئي رهيا آهن. دنيا جو وڏو ۾ وڏو درياهه نيل 11 ملڪن مان ٿيندو روم جي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪري ٿو. پر پاڪستان ۾ سنڌ صوبي سان مورڳو ناجائزي ٿيندي رهي ٿي ۽ پنجاب سنڌ صوبي جو پاڻي چوري ڪري رهيو آهي. جنهن سبب سنڌ جو ٻچو ٻچو ڪاوڙ ۾ ڀريل آهي. سنڌ جي معيشت کي مڪمل طور تباهه ڪرڻ جو هڪ منصوبو جوڙيو ويو آهي. وڪيلن ۽ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن وڏي مڙسي ڪئي آهي جنهن سبب پنجاب جون ننڊون حرام ٿي ويون آهن. بحرالحال هن وقت پاڪ فوج ۽ پاڪستان جي سول قيادت وڏي ٽينشن ۾ آهن. هڪ ته ملڪ ۾ ڌرڻا لڳي رهيا آهن. ٻيو سرحد وٽ پاڪ ڀارت جي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي. آمريڪا پاڻ کي نيوٽرل سمجهندي پاڪ ڀارت جنگي صورتحال کان پاسيرو رکيو آهي. هڪ آمريڪي صدر ڪجهه هفتا اڳ بيان ڏنو هو ته پاڪستان ايران کان گوادر بندرگاهه وسيلي روزانه هزارين ليٽر پيٽرول گهرائي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته ايران مٿان پابنديون لڳل آهن. ان حوالي سان آمريڪي صدر پاڪستان کي خبردار ڪيو هو ته ايران کان چوري تيل گهرايو وڃي ٿو جڏهن ته ايران مٿان هر قسم جي تجارت جي پابندي مڙهيل آهي. حالانڪه ايران، روس ۽ ٻين ملڪن سان تيل ۽ گئس جي تجارت کان علاوه ٻئي تجارت به ڪري رهيو آهي. پر جيئن ته پاڪستان آمريڪا جي چنبي ۾ ڦاٿل آهي ۽ پاڪستان آئي ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي قرض کان سواءِ هلي ڪونه ٿو سگهي ان ڪري اهي ٻي ادارا آمريڪا جي اثر هيٺ آهن جنهن جي ڪري آمريڪا دنيا مٿان حڪمراني ڪري رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته جيڪو ملڪ آءِ ايم ايف يا ورلڊ بئنڪ کان قرض وٺندو هوندو ان جي پڇ مٿان آمريڪا جي لت ضرور هوندي ۽ اهي ٻئي ادارا آمريڪا جي رضامندي کان سواءِ ڪنهن به ملڪ کي قرض نٿا ڏيئي سگهن. ان لاءِ آمريڪا اڻ سڌي طرح پاڪستان کي ٿريٽ ڏنو آهي. هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگي تڪرار تيز ٿي ويو آهي. ڇڪتاڻ جو اصل سبب ڪشمير آهي.
هن وقت ايشيا جون 2 ايٽمي قوتون پاڪستان ۽ ڀارت آهن. 2004 ۾ پاڪ ڀارت ڳالهيون شروع ڪرايون ويون. پر اهي به بنا نتيجي ختم ٿي ويون. انهن ڳالهين ۾ روس، برطانيا ۽ چين به شرڪت ڪئي. 1997 ۾ مالديپ ۾ ان وقت جي وزيراعظمن اندر ڪمار گجرال ۽ نواز شريف وچ ۾ اهم ملاقات به ٿي پر اها بنا ڪنهن نتيجي ختم ٿي ويئي. هن وقت ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي ۽ ٻنهي ملڪن پنهنجون فوجون LOC تي پهچائڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن. ٻئي ملڪ ايٽمي قوت رکندڙ آهن. بحرالحال جيڪڏهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ شروع ٿي ته ڀارت وٽ به وڏي مقدار ۾ ايٽمي هٿيار موجود آهن ساڳي طرح پاڪستان وٽ به ايٽمي هٿيار موجود آهن. ان کان علاوه ٻنهي ملڪن وٽ وڏي فاصلي تي مار ڪندڙ ميزائيل موجود آهن جيڪڏهن پاڪستان وٽ ست هزار ڪلوميٽرن تائين مار ڪندڙ ميزائيل آهن ته ڀارت وٽ به ساڳي طرح جا موجود آهن. ان جو اهيو مقصد ناهي ته پاڪستان وٽ لوهه جا ٺهيل جهاز ۽ ميزائيل آهن ۽ ڀارت وٽ ڪاٺ جا ٺهيل ميزائيل آهن. ڀارت ۽ پاڪستان جو عوام نه ٿو چاهي ته جنگ شروع ٿئي. بحرالحال ايران ۽ سعودي عرب پاڪستان ۽ ڀارت کي ڇڪتاڻ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙيءَ جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. اميد آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان جنگي جنون کان ٻاهر نڪري ايندا.
تازي صورتحال مطابق پاڪستان ۽ ڀارت LOC تي جنگي سازو سامان پهچائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن اهي به اطلاع آهن ته ڀارت جي فوج ۾ شامل سک فوجي پاڪستان خلاف وڙهڻ کتو جواب ڏئي ڇڏيو آهي. ڇاڪاڻ ته سکن سان خود وزيراعظم نريندر مودي ناجائزيون ڪري رهيو آهي. تازو ڪينيڊا ۾ سکن جي اهم اڳواڻ کي را جي ايجنٽن قتل ڪيو جنهن کان پوءِ ڀارت جي صوبي پنجاب ۾ سکن پاران شروع ڪري تحريڪ خالصتان تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. جيڪڏهن ڀارت پاڪستان مٿان جنگ مڙهي ته ان جنگ ۾ سکن جو ڪردار تمام گهٽ هوندو.