جسقم پاران ريلوي اسٽيشنن تي مظاهرن جو اعلان، سنڌو تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين: صنعان قريشي

مانجهند/سن(رپورٽ: بابو عمراڻي )جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 30 هين ورسي سن ۾ ملهائي وئي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، امجد خان مهيسر، ديدار شام، مومن سمون، ڏاڏو اطهر سومرو، اشرف ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن سان گڏ سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي قومي سلامي پيش ڪئي وئي، جڏهن ته سيد جي سيراندي کان قومي جلسو ڪيو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي سنڌو درياھ مٿان ٺهندڙ ڪينالن خلاف پهرين مئي تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن ۽ 11 مئي تي ريلوي اسٽيشن تي گڏ ٿي احتجاج جو سڏ ڏئي ڇڏيو، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته وقت جي حڪمرانن کي خبردار ڪيان ٿو اسان پنهنجا سر قربان ڪنداسين پر سنڌو درياھ مٿان ڪو به ڊيم ۽ ڪينال برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته سنڌ جي تيل، ڪوئلي ۽ ٻين وسيلن تي پنجاب قابض آهي، هاڻي سنڌ جي آخري جياپي سنڌو درياھ تي ڪينال ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿو، هن چيو ته پنجاب جي ڪنهن به واعدي، معاهدي ۽ نوٽيفڪيشن تي اعتبار ناهي، سنڌ کي 1945ع جي ايگريمينٽ تحت پاڻي ڏنو وڃي.

، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو موجوده وقت ۾ سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ورسي ملهائي سيد جي سُنت ۽ طريقيڪار کي برقرار رکڻ آيو آهيان، جڏهن ضياءُ جي دور ۾ سائين جي ايم سيد کي سالگرھ ملهائڻ لاءِ روڪيو ويو ته سيد چيو اڄ ته منهنجي سالگرھ ٿيندي يا ورسي، تنهن ڪري اڄ سن جو جلسو ڏسي سائين جي ايم سيد ۽ شهيد بشير خان جو روح به خوش ٿيو هوندو، هن جلسي ۾ اهو به اعلان ڪيو ته 25 مئي تي سن ۾ مرڪزي ڪائونسل ڪئي ويندي، جنهن ۾ تنظيمي فيصلا ڪيا ويندا،جلسي کي امجد خان مهيسر ،ديدار شام، مومن سمون ،ناياب سرڪش ۽ ٻين خطاب ڪيو، جڏهن ته سيد جي جلسي ۾ قومي راڳي ساجد سنڌي قومي گيت ڳايا.

  1. حڪومتي اعلان رد، سي سي آءِ کي 6 ڪروڙ سنڌين جي مستقبل بابت  فيصلي جو حق ناهي: زين شاهه 

ڄام شورو/مانجهند( ڊر+ ن ع آ) سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 30 هين ورسي جي موقعي تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاه روشن علي ٻرڙو سيد ضيا۽ شاھ سارنگ مرتضي شاھ جگديش آهوجا  منير حيدر شاھ انعام ڀٽي امير علي ٿيٻو جي قيادت  ۾  مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي ايس يو پي جي صدر سيد زين شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو سائين جي ايم سيد جيڪو سچ پوئين صديءَ ۾ چيو اُھو لکن ماڻھن جي آواز ۽ احتجاج جي شڪل ۾ سنڌو نديءَ جي بچاءُ لاءِ اٿيو آهي. اسان کي يقين آهي ته سنڌ جو نئون نسل سائين جي ايم سيد جي فڪر جي روشنيءَ ۾ فتحون ماڻيندو.جڙيل قومي معاشرو سنڌ وطن جي مفاد م جڙي پيو ڪئنالن جي معاملي تي دنيا مان آواز به اٿيو آهي ۽ سهڪار به ٿيو آهي. اهڙي 8 رڪني دلال  سي سي آءِ کي نٿا مڃون جيڪا 6 ڪروڙ سنڌين جي مستقبل جو فيصلو ڪري. ان موقعي تي  راڳ رنگ جي محفل  پڻ ڪرائي وئي  محفل ۾ فنڪار سڄڻ سنڌي زاهد سولنگي مسرور سولنگي مظهر خاصخيلي ۽ ٻين سرن جي ورکا ڪئي. سنڌو درياهه بچايو تحريڪ جي سرواڻ ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه وزيراعظم شهباز شريف ۽ پ پ چيئرمين بلاول جي پريس ڪانفرنس کي سنڌ جي عوام سان دوکو قرار ڏيندي تڪراري ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ رٿا خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، جي ايم سيد ايڊيفيس ڄامشورو ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سيد زين شاهه جو چوڻ هو ته اسان رڳو ڪينالن واري منصوبي جو خاتمو نه پر قبضي ڪيل سنڌ جي زمينن جي واپسي جو به مطالبو ڪريون ٿا. سيد زين شاھ وڌيڪ چيو ته سي سي آئي ۾ سنڌ جو هڪ ميمبر ڪاغذي ڪارروائي ۾ آهي، اسان ته ان ميمبر کي سنڌ لاءِ بهتر نه ٿا سمجهون، سنڌ جو عوام سي سي آئي جي آسري ناهي ويٺو. سيد زين شاھ چيو ته سنڌ جي ماڻھن جي جدوجهد ريفرنڊم آهي، ڪينالن وارو مسئلو ڪنهن ڪاميٽي جو محتاج ناهي. سيد زين شاھ پاڪ_ ڀارت ڇڪتاڻ تي ڳالهائيندي چيو ته پاڙيسري ملڪن سان ڇڪتاڻ آهي، ملڪ اندر سياسي عدم استحڪام عروج تي آهي، پنجاب ۾ سياست تي پابندي آهي، بلوچستان ۾ ڪيترائي ماڻهو يرغمال آهن، پ پ 2024ع جي اقتدار خاطر جيڪي شيون وڪرو ڪيون آهن، اُهي  هاڻي ظاهر ٿي رهيون آهن، صدر زرداري پاڻي جي منظوري سان گڏوگڏ فنڊ به ڏنا ۽ ڪم جي شروعات ڪئي وئي، پنجاب شروع کان وٺي اڌ ڪم ڪري پوءِ ٺيڪا ڏيندي آهي. زين شاهه چيو ته روڊ بلاڪ وڪيلن ڪيو آهي، اسان جو ساڻن سان گڏ سهڪار شروع کان آهي، سنڌو درياھ جي جدوجهد کي فورسز ذريعي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته حالتون خراب ٿي وينديون. راڻا ثناءُ الله چيو ته وزيراعظم سان ملو پر مون کيس چيو ته درياھ بچايو ڪاميٽي ۾ موجود سمورين ڌرين سان مشورو ڪري آگاھ ڪنداسين.

  1. ڪئنالن خلاف سنڌ جو هڪ آواز ٿيڻ سيد جي فڪر جو نتيجو آهي: نياز ڪالاڻي

مانجهند(ن ع آ) سن ۾ جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي 30 هين ورسي اڄ سن ۾ قومي جوش سانملهائي پئي وڃي جسقم بشير خان طرفان چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سرفراز ميمڻ فقير امداد منگي پنھل ساريو نصرالله ڪلادي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن سيد جي مزار تي حاضري ڀري قومي ترانو پڙهيو جنهن بعد مزار جي سيراندي کان ورسي تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن کي  جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي چيف آرگنائيزر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي  خطاب ڪندي چيو ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي ڪارڪنن ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو بُک هڙتال ڪئي جتي وڪيل دوست ۽ سياسي اڳواڻ آيا ته اوهان بُک هڙتال ختم ڪري اسان جو ساٿ ڏيو ته ٻٻرلوء باء پاس تي ڌرڻو هڻون. هن چيو هن وقت جڏھن سموري سنڌ ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي خلاف هڪ آواز ٿي بيٺي آھي ته اسان سمجهون ٿا ته اها سائين جي ايم سيد جي نظرئي جي فتح آھي ڇاڪاڻ اڄ سنڌ جيڪا محڪوم ۽ پنجاب حاڪم آھي اهو جيڪو تَضاد واضح ۽ چٽو ٿي آيو آھي اهو فقط سائين جي ايم سيد ائين چيو ۽  اڳ ۾ ڪنهن به اهڙي واضح ۽ چٽي ڳالھ نه ڪئي. جدوجهدون جنم وَٺڻ کانپوء قربانيون تڪليفون گهرنديون آھن ۽ آئون سمجهان ٿو سنڌ جو نوجوان هن وقت جدوجهد توڙي قرباني لاء تيار آھي هن چيو ته اسان شهيد بشير خان جي جدوجهد پُٺيان هلون ٿا، اسان سائين جي ايم سيد ۽ شهيد بشير خان قريشي کانپوء قومي تحريڪ کي دڳ ڏسيا آھن ان دوران قومي تَحريڪ تي ڏُکيا ڏينهن به آيا جو جيئي سنڌ جو جهنڊو کڻڻ به ڏوھ ٿي ويو پر جيئي سنڌ قومي محاذ سنڌ جي جهر جهنگ ڳوٺ ڳوٺ جي هر مظلوم جي جدوجهد ۾ جيڪو پهتو اهو اسان جو ڳاڙھو جهنڊو ئي آھي. اسان اهو دعوي سان چئون ٿا ته ڪئنالن خلاف مڃون ٿا ٻين پارٽين به جدوجهد ڪئي . اسين وڪيلن کي جس ٿا ڏيون جيڪي ڪئنال ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن جي رد ٿيڻ جي نوٽيفڪيشن تائين جدوجهد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي ان موقعي تي قومي راڳي وقار ملاح قومي گيت پڻ پيش ڪيا.

  1. رهبر ڪميٽي اڳواڻ وڏي قافلي سان سن کان ڌرڻي ۾ پهتا

ٻٻرلوءِ : جيئي سنڌ رھبر ڪاميٽي جي ڪنوينر ۽ جيئي سنڌ قومي پارٽي چئرمين نواز خان زئور،جيئي سنڌ محاذ جي چئرمين رياض چانڊيو، جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورھيه سنڌي وڏي قافلي سان گڏ سن کان ٻٻرلو ڌرڻي ۾ پھتا، جتي اڳواڻن نواز خان زئور۔ خطاب ڪندي چيو آھي ته سنڌو مٿان ڪئنالن کي سڄي سنڌي قوم رد ڪري چڪي آھي.سائين جي ايم سيد جي فڪر سنڌ ۾ سجاڳي واري لھر پيدا ڪئي آھي ھاڻ سنڌي قوم سجاڳ ٿي چڪي آھي. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته قومون جڏھن ديس جي درد جي مالڪي ڪنديون آھن تڏھن طاقتور قوتن کي شڪست ڏينديون آھن سيد اونداھي ۾ روشني جو ڪرڻو ثابت ٿيو آھي.سنڌي قوم ڪئنالن ڪارپوريٽ فارمنگ کي رد ڪري  چڪي آھي. سورھيه سنڌي خطاب ڪندي چيو آھي ته وفاق سنڌ مٿان پنھجا فيصلا مڙھڻ گھري ٿو سنڌو درياھ سنڌ جي ملڪيت آھي .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.