اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف علي زرداري سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي جنهن ۾ پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت جي غير ذميواراڻن اپائن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. گهرو وزير محسن نقوي صدر کي قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن کان آگاهه ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جا سڀ فيصلا قوم جي دل جو آواز آهن، ڪميٽي پاڪستاني قوم جي اميدن جي ترجماني ڪئي آهي، سموري قوم فيصلن ۽ اپائن سان بيٺي آهي. ڀارت جي بي بنياد الزامن ۽ غير منطقي اپائن جو ڪو جواز ناهي. محسن نقوي چيو ته دشمن ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهي. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته جهڙو حملو ٿيو، تهڙو ئي جواب هوندو، پاڪستان ڀارت تڪرار مڪمل جنگ جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو، دنيا کي ايٽمي طاقتن وچ ۾ مڪمل ٽڪراءُ جي امڪان تي ڳڻتي ڪرڻ گهرجي، مڪمل حملو ٿيو ته مڪمل جنگ ٿيندي، پاڪستاني فوج هر صورتحال لاءِ تيار آهي. برطانوي ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن پهلگام واقعي ۾ پاڪستان جي ملوث هجڻ جا الزام رد ڪندي حملي کي ڀارت جو فالس فليگ آپريشن قرار ڏئي ڇڏيو.
-
سينيٽ ۾ ڀارتي اڳرائي خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور
اسلام آباد (م ڊ) سينيٽ ڀارتي اڳرائي خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلانيجي صدارت هيٺ سينيٽ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار تازي ڀارتي جارحيت خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن کي ايوان گڏيل طور تي منظور ڪري ورتو. ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو ته هندستاني حڪومت هڪ بدنيتي واري مهم هلائي رهي آهي، پاڪستان کي پهلگام واقعي سان ڳنڍڻ جي الزامن کي رد ڪريون ٿا. ڀارت کي پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ دهشتگردي جو ذميوار قرار ڏنو وڃي ۽ پاڪستان ڪشمير جي حمايت جاري رکندو. ان حوالي سان نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته سنڌ طاس معاهدي کي هڪ طرفي طور تي معطل نٿو ڪري سگهجي. پاڻي 24 ڪروڙ پاڪستانين جي لائف لائن آهي، قومي سلامتي ڪميٽي چئي چڪي آهي ته پاڻي بند ڪرڻ جنگ سمجهيو ويندو. شبلي فراز چيو ته ڀارت تاڙ ۾ رهيو آهي ته پاڪستان کي ڪيئن نقصان پهچايو وڃي، ٺهراءُ ۾ ايوان جو دشمنن کي گڏيل پيغام ويو آهي، پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڀارت جي خواهش پوري ناهي ٿي.
-
ڀارتي فضائيه کي هڪ ڏينهن ۾ 2 حادثا، عملو محفوظ
نئين دهلي / ڪلڪته (م ڊ)ڀارتي فضائيه (IAF) کي اڄ هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻن الڳ الڳ جهاز حادثن کي منهن ڏيڻو پيو. پهريون حادثو هرياڻه جي امباله علائقي ۾ پيش آيو، جتي تربيت دوران هڪ جيگوار جنگي جهاز ڪري تباهه ٿي ويو. ٻيو واقعو اولهه بنگال جي باگ ڊوگرا ايئرپورٽ تي پيش آيو، جتي هڪ اي اين-32 ٽرانسپورٽ جهاز ايمرجنسي لئنڊنگ ڪئي.ڀارتي وزارت دفاع موجب ٻنهي واقعن ۾ ڪا به جاني نقصان جي خبر ناهي، ۽ سڀئي پائلٽ ۽ عملي جا ماڻهو محفوظ آهن. اختيارين ٻڌايو ته امباله وارو حادثو منجهند لڳ ڀڳ 3:45 وڳي پيش آيو، جڏهن تربيت واري مشن تي نڪتل جيگوار جهاز جي پائلٽ کي فني خرابي محسوس ٿي، جنهن بعد هن جهاز کي آباديءَ کان پري وٺي وڃي ايجڪٽ ڪيو. خوشقسمتيءَ سان پائلٽ صحيح سلامت رهيو ۽ زمين تي به ڪو نقصان نه ٿيو.ٻئي طرف، باگ ڊوگرا ايئرپورٽ تي اي اين-32 جهاز جي ايمرجنسي لئنڊنگ دوران رن وي ۽ ايئرپورٽ جي ڍانچي کي ڪجهه نقصان پهتو.