ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي تشدد جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد( پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آھي ته پيپلز پارٽي سنڌ جون زمينون، درياھ ۽ وسيلا وڪڻي 7 ڪروڙ عوام کي دوکا ڏئي رھي آھي،  ٻٻرلوءِ ڌرڻي تي تشدد جا خطرناڪ نتيجا نڪرندا، ڪرپشن ۽ اقتدار جي قيمت سنڌ ادا ڪري رھي آھي، اياز لطيف پليجي چيو ته جيڪو ڪم ضيا ۽ مشرف به نه ڪري سگھيا، اھو پ پ ڪري رھي آھي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪنھن به صورت قبول نه ڪنداسين،  سنڌ دشمن منصوبا رد ڪرڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا وڃن، سنڌ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ کان وڏي سجاگي آھي، جيستائين سنڌ دشمن منصوبا رد نه ٿيندا، ان وقت تائين احتجاج جاري رھندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.