سکر (منظور سولنگي) ٻٻرلوءِ وٽ چڪ شڪارپور جو نوجوان زميندار احسن مهر پاران رليف ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي.احسن مهر پاران ان ڪيمپ وسيلي ڌرڻي جي پهرين ڏينهن کان وٺي ايندڙ ماڻهن لاءِ ماني ٽڪي، چانهن پاڻي دوا درمل جو بندوبست ڪندو رهي ٿو. ڪيمپ قائم ڪرڻ بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته اسان جي رت ۾ ثقافت ۽ سخاوت آهي سو مون سوچيو ته هي سنڌ ڪاز لاءِ ڌرڻو لڳي رهيوآهي سنڌ جي پاڻي، سنڌ جي بقا ۽ وجود لاءِ ڌرڻو لڳو آهي ان ۾ اسان کي آيل مهمانن جي خدمت ڪرڻ کپي.وڪيلن کي شابس آهي جن ايڌي وڏي تحريڪ هلائي اسان زندگي ۾ اهڙي وڏي تحريڪ ناهي ڏٺي.سو اسان هتي ڪيمپ قائم ڪئي هتي ماڻهن لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي سگهي ٿو حاضر ڪيون ٿا جنهن ۾ ۾ماني ٽڪي کان ويندي دوا درمل سڀ شامل آهي.جيستائين ڌرڻو جاري هوندو ڪيمپ به جاري رهندي.ماڻهن جي رهائش لاءِ اوطاقون ۽ گهر خالي ڪيا آهن ته جئين ماڻهو اتي رهي سگهن. اها ماني سکر مان تيار ٿئي ٿي، هتي به ڪجه دڪان ڪرائي تي ورتا آهن.