ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) سنڌو مٿان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سنڌ بار ،ڪراچي بار ۽ ملير بار جي سڏ تي وڪيلن ، قومي ڪارڪنن ، سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي ڌرين پاران گلشن حديد ويجھو نيشنل ھاءِوي ۽ لنڪ روڊ تي ڪالھھ ٽئين ڏينھن به ڌرڻو جاري آھي، ڌرڻي سبب ڪراچي ٺٽو قومي شاھراھ ۽ سپر ھائي وي کي ملائيندڙ لنڪ روڊ گذريل ٽن ڏينھن کان مڪمل طور بند آھي ، جنھن سبب ٽريفڪ معطل آھي ڌرڻي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ، عوامي تحريڪ ، قومي عوامي تحريڪ ، سنڌياڻي تحريڪ ، ايس يو پي،ايس ٽي پي ، عوامي جمھوري پارٽي،پي ٽي آءِ، جيئي سنڌ محاذ، سنڌ گريجوئيٽ ، ادبي سنگت، سنڌ چانڊيا ويلفيئر ايسوسيئيشن ڪراچي ڊويزن، آل سنڌ شيخ الئنس ۽ سچوا جي ڪارڪنن سميت عوام جي ڀرپور شرڪت ڪئي، ڌرڻي کي خطاب ڪندي ملير بار جي صدر ارشاد شر چيو تھ اڄ سنڌ جي عوام جي فتح ٿي آھي جنھن حڪمرانن کي تڪراري ڪئنال نھ ٺاھڻ جو اعلان ڪيو آھي، اياز چانڊيو چيو تھ سنڌو جي حفاظت سنڌ واسين تي فرض برابر آھي، جسقم اڳواڻ الاھي بخش بڪڪ چيو تھ سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙو ڪنھن بھ صورت ۾ قبول نھ ڪيو ويندو وڪيل جس لھن جن سنڌ جي ٻرندڙ اشو تي سنڌي قوم کي ٻاھر ڪڍيو، حنيف سومرو چيو تھ جتي وڪيلن ڪئنالن خلاف سراپا احتجاج ٿي سنڌي قوم کي سجاڳ ڏني اتي صحافي برادري بھ سندن ٻانھن ٻيلي ھئي، يعقوب خاصخيلي،سعيدھ گوپانگ، رشيد سڌايو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو.