اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ بجيٽ ۽ عيدالاضحيٰ کان اڳ مهانگائي ۾ واڌ جو انديشو ظاهر ڪيو ويو. ناڻي واري وزارت مهيني جي اقتصادي اپڊيٽ ۽ آئوٽ لُڪ ۾ مهانگائي بابت ڪاٿو جاري ڪيو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مئي ۾ مهانگائي امڪاني طور3 کان 4 سيڪڙو وڌي سگهي ٿي. اپريل ۾ مهانگائي 1.5 سيڪڙو ۽ 2 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. مارچ 2025 ۾ مهانگائي جي شرح 0.69 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي.