حيدرآباد(رپورٽر) ايڇ يو جي پاران سنڌو درياهه تي 6 ڪئنالن جي منصوبي خلاف احتجاجي ڪئمپ حيدرآباد پريس ڪلب جي سامهون لڳائي وئي. احتجاجي ڪئمپ کي قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌو درياهه لکين ماڻهن جي روزگار جو ذريعو آهي، انسان جي جيئڻ جي حق ۾ پاڻي شامل آهي، ماڻهن کان جيئڻ جو حق کسيو پيو وڃي، هي بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سينيٽر مولا بخش چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سنڌو دريا تي 6 ڪئنالن جو منصوبو ناقابل قبول آهي. سنڌ جي پاڻي تي ڪا سوديبازي نه ڪئي ويندي، ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو جو ڪو پنهنجي موت جي پرواني تي صحيح ڪري؟ ون يونٽ جي غدارن کان به وڌيڪ خراب حالت ٿيندي. هن چيو ته غلطي ٿي آهي، جنهن جي هو معافي وٺن ٿا. ملي يڪجهتي ڪائونسل ۽ جي يو پي نوراني جي صدر صاحبزاده ابوالخير محمد زبير چيو ته سنڌو درياهه تي 6 ڪئنالن جي منصوبي خلاف سنڌ جو عوام روڊن تي نڪتل آهي، هي مسئلو ڪنهن هڪ جو نه پر سنڌ ۾ رهندڙ هر شخص جو آهي. جي يو آءِ جي مولانا تاج محمد ناهيون، سنڌ آبادگار بورڊ جي صدر محمود نواز شاهه، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي انجنيئر صابر حسين قائم خاني، مشير خوراڪ سنڌ عبدالجبار خان، حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس ۽ انڊسٽريز جي صدر عديل صديقي، اسمال چيمبر جي صدر سليم ميمڻ، شهيد ڀٽو جي پرويز بلوچ، ق ليگ جي مظهر الحق صديقي، پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ جي عمر فاروق خانزادہ، پي ٽي آءِ جي مستنصر بالله، سنڌ آبادگار اتحاد جي نواب زبير ٽالپر، نبي بخش سيٺيو، جواد سيف، نادر انعام شيخ، عوامي تحريڪ جي نور احمد ڪاتيار، آل پاڪستان فرنيچر اونرز ايسوسيئيشن جي جاويد اقبال، امداد چانڊيو، اديب جامي چانڊيو، امر سنڌو، ڪامريڊ اقبال چانڊيو، ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر عرفان گل مگسي، ايڇ يو جي جي صدر حامد ميان شيخ، سينيئر صحافي محمد حسين خان، چوڌري وقاص، فيروز ببر، آفتاب ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪندي سنڌو تي 6 ڪئنالن جي منصوبي کي سنڌ کي بنجر بڻائڻ وارو منصوبو قرار ڏنو. مقررن ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي يڪطرفي طور ختم ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي، ان کي خطي ۾ معاشي دهشتگردي قرار ڏنو. احتجاجي ڪئمپ ۾ فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي نائب صدر سينيئر صحافي جنيد خانزادہ دريا سنڌ تي 6 ڪئنالن جي منصوبي جي خاتمي لاءِ قرارداد پيش ڪئي، جيڪا شرڪت ڪندڙن هٿ مٿي کڻي منظور ڪئي. صحافي محمد حسن پاڻيءَ بابت لکيل نظم پڙهي ٻڌائي.