غربت جي شرح هلندڙ مالي سال ۾ 42.4 سيڪڙو تائين وڌڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پاڪستان ۾ غربت جي شرح هلندڙ مالي سال ۾ 42.4 سيڪڙو تائين وڌڻ جو امڪان آهي ۽ وڌيڪ 19  لک ماڻهو غربت ۾ مبتلا ٿي ويندا، ٻهراڙي وارن علائقن ۾ لڳ ڀڳ هڪ ڪروڙ ماڻهو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿي سگهن ٿا، رپورٽ موجب پاڪستان جي شهري علائقن ۾ غربت جي شرح 22.8 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 49.6 سيڪڙو آهي،سرڪاري سطح تي غربت جي شرح مختلف آهي ۽ هن سال 25.4 سيڪڙو آهي ۽ ايندڙ مالي سال ۾ 24.8 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ڇهين اڌ ۾ صنعتي ۽ خدمتن جي شعبن ۾ گهٽتائي آئي، جڏهن ته مهانگائي ۾ گهٽتائي جي باوجود، ماڻهن جي قوت خريد گهٽجي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.