ڪراچي(رپورٽر)دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ دعا منگي ۽ بسما کي اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ ۽ پوليس اهلڪارن کي زخمي ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي،عدالت ثبوت نه هجڻ ملڻ تي3 جوابدارن کي بري ڪري ڇڏيو ، بري ٿيل جوابدارن ۾ زوهيب قريشي، مظفر علي ۽ آغا منصور شامل آهن، ڪيس جا ٻيا جوابدار، محمد طارق، شعيب قريشي ۽ وسيم روپوش قرار ڏنل آهن،ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن چيو ته 5ڊسمبر2019 تي جوابدارن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ٻه پوليس اهلڪار فيصل ۽ ارسلان زخمي ٿيا هئا، پراسيڪيوشن جو چوڻ هو ته گولين جي خولن جي ايف ايس ايل رپورٽ ۾ تصديق ڪئي وئي هئي ته جوابدار وٽ هٿيار هئا، پراسيڪيوٽر موجب پوليس جاچ دوران جوابدار زوهيب قريشي ۽ مظفر به اعتراف ڪيو هو،جوابدارن چيو ته اهي دعا منگي جي وارثن کان ڀنگ وٺڻ ويا هئا.