عوامي جمهوري پارٽي جو وفد ڌرڻي ۾ پهتو

سکر/خيرپور(نمائندا)عوامي جمھوري پارٽي سکر جي وفد عاشق چاچڙ عبدالحڪيم زنگيجي ۽ واجد زنگيجو جي اڳواڻي  ۾ ٻٻرلو ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪئي، ان موقعي تي وڪيل اڳواڻ عامر نواز وڙائچ کي گلن جا پارائڻ بعد ميڊيا وارن سان ڳالھيون ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌي ماڻھو پر عزم آھن ته ڪئنالن ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي رٿا ذريعي سنڌ کي بنجر بنائڻ جي ھر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو، ھنن وڌيڪ چيو ته اڄ سنڌ جو ٻچو ٻچو سول سوسائٽي اديب صحافي عورتون ۽ دانشور ھڪ پيج تي آھن، اھي ڪھڙي به صورت ۾ پنھنجي جياپي وارين ٿيندڙ سازشن خلاف مزاحمت جاري رکندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.