ڪشمور ديرا موڙ تي وڪيلن جو پنجين ڏينهن به ڌرڻو جاري

ڪشمور(رپورٽ: بيورڪ خان لنجواني) گڊو جي ديره موڙ وٽان ڪنڌڪوٽ بار ڪائونسل جي اڳواڻي ۾ وڪيلن پاران سنڌو درياهه  مان نڪتل 6 تڪراري ڪئنالن خلاف اڄ ٻين ڏينهن به احتجاجي ڌرڻو ڏنو جاري آهي جنهن سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو ۽ گاڏين جون ميلن تائين قطارون لڳي ويون، ايڊووڪيٽ عبدالغني بجاراڻي، آفتاب چنه ۽ عبدالنبي بروهي نصر الله سولنگي جي ٻين قومپرست پارٽين جي اڳواڻي ۾ وڪيلن پاران پرامن ڌرڻو هڻي نعرا هنيا ويا اڳواڻن چيو ته  ته سنڌو درياهه مان نڪتل تڪراري ڪئنالن جا منصوبا فوري طور بند ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ايڊووڪيٽ عبدالغني بجاراني ۽ ٻين اڳواڻن جو ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڻ ھو ته، سنڌ جي آبي حقن تي ڪا به سوديبازي قبول نه ڪئي ويندي،جڏهن ته ڪشمور جي فنڪار بجلي شعبان چاچڙ ۽ ٻين قومي گيت ڳايا ۽ ننڍڙن ٻاران پاران قومي گيتن تي رقص پڻ ڪيو ڌرڻي سبب مسافرن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.