ڪئنالن خلاف ٻٻرلوءِ وٽ ڌرڻو جاري، سڀاڻي کان ريل پٽڙيون بلاڪ ڪرڻ جو اعلان

خيرپور / سکر (رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو، عبدالمتين مهر ۽ آزاد مهر)سنڌو درياهه مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ ۽ سنڌ جي زمين ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي زمين ڏيڻ واري عمل خلاف ڪالهه ٻئي ڏينھن به ٻٻرلوءِ  باءِ پاس تي ڌرڻو جاري رهيو، وڪيلن سڀاڻي کان ريل پٽڙيون بلاڪ ڪرڻ جو اعلان به ڪري ڇڏيو، ھلندڙ ڌرڻي ۾ سموري سنڌ جي وڪيلن، قوم پرستن، سياسي، سماجي ۽ مذهبي ڌرين پاران قافلن جي صورت ۾ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي، گذريل ٻن ڏينهن کان ٻٻرلو باءِ پاس مڪمل طور تي بند هجڻ ڪري ڪراچي کان پنجاب توڙي پنجاب کان ڪراچي ايندڙ ۽ ويندڙ سموري ٽريفڪ مڪمل طور تي بند ٿي وئي آهي، احتجاج دوران هر پاسي ڪئنال نامنظور جا نعرا لڳل هئا، ڌرڻي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي اڳواڻ سرفراز ميتلو، ڪراچي بار جي صدر عامر وڙائچ، ڪراچي بار جي جنرل سيڪريٽري رحمان ڪورائي، جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي، عوامي تحريڪ جي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، خيرپور بار جي صدر اعجاز چانڊيو، لاڙڪاڻو بار جي صدر اطھر عباس سولنگي، قوم پرست اڳواڻ رياض چانڊيو، شيعا اڳواڻ اياز حسين قمي ۽ ٻين اڳواڻ ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جو واضح بيان آھي ته سنڌو درياهه مٿان ٺهندڙ نوان 6 ڪئنال غيرقانوني آهن ۽ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين جيڪا ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ڏني وئي آھي، ان تي صرف ۽ صرف اسان سنڌين جو حق آهي، ان مٿان اسان ڪنھن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين، اسان جو نعرو آهي ته سنڌو مٿان سمورا ڪئنال نامنظور آھن، سنڌ جو شعور غير قانوني ڪئنالن کي رد ڪري ڌرڻا ۽ ريليون ڪڍي، ھنن چيو ته پيپلزپارٽي جا سربراهه وڏا عھدا ماڻڻ لاءِ سنڌ کي تباھ ڪرڻ ٿا گھرن جيتوڻيڪ سنڌ ۽ سنڌين پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏئي ايوانن تائين پھچايو آهي ۽ ان جي رد عمل ۾ ھنن سنڌ کي تباھ ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر ناھي ڇڏي، حڪمرانن جي ڪوڙين ڳالھين ۾ ڪونه اينداسين، اسان جو مطالبو صرف هڪ ئي آهي ته ڪئنالن وارو نوٽيفڪيشن واپس ورتو وڃي ته اڄ ئي ڌرڻو ختم ڪنداسين، هنن چيو ته ڪئنال ٺاهڻ ملڪ کي ورهائڻ جي سازش آهي، جيڪا ڪڏهن به پوري ٿيڻ نه ڏينداسين، جيستائين ڪئنالن وارو فيصلو واپس نه ورتو ويندو تيستائين هي ڌرڻو جاري رهندو، ھنن چيو ته اڄ آچر جو ڏينھن آھي ۽ موڪل ڏينھن ھر فرد کي گھرجي ته ڌرڻي ۾ شامل ٿئي، عامر وڙائچ چيو ته جيڪڏهن سنڌ جو عوام سجاڳ نه ٿيو ته هي پاڻي کانپوءِ ڪراچي به کسي ويندا ان ڪري سنڌ جي ماڻهن کي گهرن مان ٻاهر نڪرڻ گهرجي، ڌرڻي ۾ خيرپور جي ڦلپوٽا ويلفيئر طرفان پڻ پاڻي جو اسٽال لڳايو ويو، جتي ايڊووڪيٽ شھمير احمد ڦلپوٽو، ايڊووڪيٽ جاويد ڦلپوٽو، ايڊووڪيٽ مجاھد ڦلپوٽو اڳواڻي ڪري رھيا ھئا، ان موقعي تي اڳواڻن عوامي آواز کي ٻڌايو ته اسان وٽ ڦلپوٽا برادري سان تعلق رکندڙ ماڻھون اچي وڪيلن جي خدمت ڪري رھيا آھن، اسٽال ۾ سنڌي صوفي راڳين سر وکيريا ۽ قومي گيت ڳائي سندن جذبي کي اڀاريو، جڏهن ته سماجي اڳواڻ ھارون شاھ راشي پاران ٻئي ڏينھن تي به وڪيلن لاءِ ماني جو بندوبست ڪيو، ڌرڻي ۾ سنڌ جي مشھور صوفي راڳي مانجھي فقير شرڪت ڪري قومي گيت ڳائي احتجاج رڪارڊ ڪرايو، ٻٻرلو باءِ پاس تي لڳل ڌرڻي بعد پوليس پاران پنجاب ويندڙ گاڏين کي متبادل رستو ٺاھي ڏنو ويو جيڪو ننڍن ننڍن ڳوٺن مان گذري وڃي پنجاب روڊ سان ملندو آھي جنھن کي پڻ وائس آف خيرپور جي صدر ايڊووڪيٽ علي احمد ميمڻ، ايڊووڪيٽ فياض خميساڻي، ايڊووڪيٽ نور احمد تنيو پاران بلاڪ ڪرايو ويو، ان موقعي تي وائيس آف خيرپور جي اڳواڻن علي احمد ميمڻ، فياض خميساڻي ۽ نور احمد تنيو ٻڌايو ته اسان متبادل رستن تي پنجاب ويندڙ گاڏين کي روڪيو آهي ۽ رستي تي وڏيون رڪاوٽون وجھي روڊ مڪمل بند ڪري ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته جيستائين وفاق پنهنجو قبلو درست نه ڪندو تيستائين اسان جي جدوجھد جاري رھندي، هوڏانهن ايڊووڪيٽ هميش جيواڻيءَ پنهنجي آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وڪيل برادري هن منصوبي خلاف متحد آهي ۽ مطالبن جي منظوري تائين پوئتي نه هٽندي، جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي نه ڏيکاري ته ايندڙ مرحلي ۾، احتجاج جو دائرو وڌائڻ لاءِ پنجاب موٽر وي کي بلاڪ ڪرڻ ۽ سنڌ کان پنجاب ڏانهن گئس جي فراهمي بند ڪرڻ جهڙا قدم کڻڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.