ڪئنال ٺاهي ريگستان کي آباد ڪرڻ غيرسائنسي ڳالهه آهي: حسن عباس

اسلام آباد (م ڊ) پاڻي ماهر حسن عباس هڪ انٽرويو ۾ چيو ته راجستان جو 99 سيڪڙو علائقو رڻ ئي آهي. ڪئنالن ۾ واري ڀرجي ويندي، ايترا وسيلا ناهن هوندا جو رڻ جو مقابلو ڪري سگهجي، ڀارت ۾ به اهڙو منصوبو ناڪام ٿيو هو. ڀارت چيو ته اسان کي رڻ کي آباد ڪرڻو آهي، پاڪستان وٽ ته پاڻي درياهه ۾ ڪري رهيو آهي ان کي روڪين، اسان رڻ کي آباد ڪنداسين. اها غير سائنسي ڳالهه آهي اهو به غير سائنسي هو ته رڻ آباد ٿي ويندو.  هن ٻڌايو ته گرين پاڪستان پهريان درست ڪم ڪري رهيو هو، هنن چيو ته اسان رڻ کي آباد ڪرڻ لاءِ جديد نظام آڻينداسين، هنن هڪ اسٽڊي جي منظوري ڏني ته اسان کي ٻڌايو ته بهترين طريقو ڪهڙو آهي؟ ماهرن اها اسٽڊي کين 9 اپريل 2024 تي ڏني. پوءِ هنن چيو ته اسان کي ماهرن اهڙو رستو ڳولي ڏنو آهي جيڪو جٽادار به آهي گهٽ خرچ وارو به آهي ۽ اهو نظام روايتي ڊيمن، بيراجن ۽ ڪئنالن کان بهتر آهي جيڪو هلائڻ ۽ ٺاهڻ به سولو آهي. هنن ماهرن جي ٽيم کي اهو چئلينج ڏنو هو ۽ ماهرن کين رپورٽ ۾ تجويز ڏئي ڇڏي هئي، پوءِ ڇا ٿيو؟ ان جي جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته گرين پاڪستان ۽ فيصلي سازن وچ ۾ ڪير ته آهي ۽ جون ۾ اهو اعلان ٿئي ٿو ته اسان ڪئنال ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون. ڊيلٽا ۾ پاڻي نٿو وڃڻ ڏنو وڃي، چون ٿا ته ڊيلٽا ۾ هيترو پاڻي ٿو وڃي اسان اهو ڪئنالن ۾ کڻي وينداسين. اهڙو منطق هاڻي به هلي رهيو آهي، سنڌ جا خدشا ان حوالي سان درست آهن.  هن اسٽڊي ۾ پاڪستاني ۽ پرڏيهي ماهر شامل هئا، هنن جيڪو پاڻي ڳوليو هو اهو ستلج ۽ پنجلد درياهه جي واري جي هيٺان ڳوليو هو. هنن چيو ته اهو پاڻي جهجهي مقدار ۾  موجود آهي. واري هيٺان پاڻي لاءِ کوهه ۽ پوءِ پائپن وارو نظام ڄاڻايو ويو هو. هن رپورٽ ۾ رڳو ٽيڪنيڪل حل نه پر ماحولياتي ۽ مالياتي توڻي سماجي تجزيا پڻ آهن.  هن رپورٽ ۾ 28 نقطا ڏنا ويا آهن ته ڪئنال ڇو ناڪام ٿيندا. رپورٽ جو پهريون نقطو اهو آهي ته اوهان ڪئنال ڪڍيا ته پنجاب ۽ سنڌ ۾ تڪرار ٿي پوندو. پاڻي ماهر موجب جيڪڏهن ديامر ڀاشا ڊيم ٺهي به وڃي ته ان کانپوءِ ڪراچي ۾ پاڻي ڪيئن پهچندو، هارين وٽ پاڻي ڪيئن پهچندو؟ ڪو طريقيڪار ناهي. 80 هزار ڪيوسڪ پاڻي قدرتي طور تي درياهن ۾ اچي رهيو آهي پوءِ ڪوٽڙي ۾ ڇو نٿو پهچي؟ اهو پاڻي ڪيڏانهن ٿو وڃي؟ هاڻي اوهان جي ڪئنالن واري نظام جو وقت گذري چڪو آهي، اهو پراڻو نظام هو. اوهان وٽ پائپن جو نظام موجود آهي. گرين پاڪستان پنهنجي اڳوڻي منصوبي تي واپس اچي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.