مٽياري(ضمير خاصخيلي) قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزن جو 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڀٽ شاھ کان نڪتل درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ رات جو حيدرآباد جي حد ۾ داخل ٿي لطيف شاھ اسٽاپ وٽ پھتو،اڄ پنجين ڏينھن درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ جو قافلو قاسم آباد ۾ نسيم ننگر باءِ پاس وٽ درياھ بچايو تحريڪ جي جلسي عام ۾ شريڪ ٿيندو، جنھن جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، ڊويزنل جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ اختيار پنھور، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، حيدرآباد ضلعي صدر نذير بليدي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نصرت خاصخيلي، شازيه احمداڻي،عذرا رند،معشوق چانڊيو، جمن سولنگي،راجا چانڊيو، خادم سمون،آغا عباس،دلشاد سولنگي، اياز علي سولنگي،راول سيال ڪندا. درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ سڀاڻ 20 اپريل تي مسو ڇلگري کان ھالا ناڪي طرف روانو ٿيندو.ان موقعي تي الطاف خاصخيلي چيو ته سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي اقتدار خاطر پ پ حڪومت خاموش آھي ۽ سنڌ جو پاڻي چوري ڪرائي رھي آھي ارسا ۽ ڪرپٽ سنڌ جا حڪمران سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا ھڻائڻ ۾ سھولتڪار آھن،زينت سمون چيو ته سنڌو درياھ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي گڏ آھي ڪئنالن واري معاملي تي پ پ پ کي ڪوڙ ڳالھائيندي ڪا ڦڪائي به نٿي ٿئي، سنڌ جي ماڻهن توهان جي ڪوڙي مينڊيٽ کي رد ڪري ڇڏيو آهي.