اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ وزيراعظم شهباز شريف تڪراري ڪئنال منصوبي بابت پيپلز پارٽي جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، وزيراعظم جي بين الصوبائي رابطن بابت صلاحڪار راڻا ثناءُ الله پنهنجي بيان ۾ چيو ته نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف پيپلز پارٽي سان ڳالهه ٻولهه ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اسان صوبن جي پاڻي سميت وسيلن جي منصفاڻي ورهاست تي مڪمل يقين رکون ٿا، هن چيو ته پيپلز پارٽي وفاق جو حصو آهي ۽ آئيني عهدن تي رهندي ڳالهه وڌيڪ ذميواري سان ڪرڻ گهرجي، اسان پيپلز پارٽي جي قيادت جو تمام گهڻو احترام ڪريون ٿا، راڻا ثناءُ الله جو چوڻ هو ته 1991ع ۾ صوبن جي وچ ۾ ٿيل معاهدي ۽ 1992ع جي ارسا ايڪٽ جي موجودگي ۾ ڪنهن سان به ناانصافي نٿي ٿي سگهي، ڪنهن به صوبي جو پاڻي ٻي صوبي جي حصي ۾ نه ٿو وڃي۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ ملڪ اندر آئيني طريقيڪار ۽ قانون موجود آهن، هن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي معاملي تي سياست نه ٿيڻ گهرجي، مسئلا ڳالهين ۽ ميز تي ويهي حل ڪرڻ گهرجن، اسان صوبن جي مضبوطي کي وفاق جي مضبوطي سمجهون ٿا ۽ ماضي وانگر ساڳئي عمل تي هلڻ جاري رکنداسين، راڻا ثناءُ الله چيو ته آئيني ۽ جمهوري اصولن تي پختو يقين رکندڙ جماعت طور، اسان صوبن ۽ اتي رهندڙ ماڻهن جي حقن جي تحفظ تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪنداسين، ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ئي هر مسئلي جو بهترين حل آهي.