پ پ ۾ وفاقي سرڪار ڇڏڻ جي همٿ ئي ناهي:نجم سيٺي

اسلام آباد( ع آ نيوز)تجزئي نگار نجم سيٺي چيو ته بلاول جيڪو چيو اسلام آباد وارا!اتي ته سڀ کان وڏو عهدو صدر آصف زرداري جو آهي. ڪئنالن بابت گڏجاڻي  ۾ صدر ۽ محسن نقوي به شريڪ ٿيا  هئا. هاڻي پ پ ان کان پوئتي هٽي رهي آهي. سال ٿي ويو آهي ان منصوبي کي هاڻي ٽن مهينن کان اوڇتو ڇا ٿيوآهي؟ سو سنڌ ۾ قومپرست  جماعتون جي ايم سيد جي سوچ وارا   ۽ نوجوان طبقو اٿيو آهي. پوري ملڪ ۾ هن وقت قومپرستي جي هوا هلي رهي آهي. جنهن جي ڪري پ پ جاڳي آهي ته هي ته اسان جو حلقو آهي.اهو هنن حوالي ڪيئن ڪجي. سو فيصلو ٿيو ته پيءُ چپ رهي ۽ پٽ ڳالهائي. سو پٽ  سوچيو ته  مان شروع ٿيان. اسلام آباد ۾ سرڪار سان ويٺا آهن ۽ اتي وڃي وري سنڌي ٿي ويوآهي.10 ورهين کان زرداري اسٽيبلشمينٽ سان هلي رهيوآهي. بلوچستان سرڪار اهو ٺاهي ڏيندو آهي ۽ پيسا خرچ ڪندوآهي. ڪيترا ڪيس ان مٿان آهن وري به ان کي صدر ٺاهيو ويوآهي.بلاول کي  ان جي ڪري ڳالهائڻو پئجي رهيوآهي،هن چيو ته سنڌي ماڻهن ۽ قومپرستن جي ڳالهه ۾ وزن به آهي سچائي به ٿي سگهي ته پاڻي معاملي تي ڳڙٻڙ ٿي سگهي ٿي،هن چيو ته رانا ثنا به ڳالهه ڪئي آهي  گڏجي ويهڻ جي بلاول جو اشارو به ان طرف آهي. سو ممڪن آهي ته  ڪو نئون ادارو ڪينالن کي مينيج ڪرڻ واسطي جڙي.سنڌ جو چوڻ آهي ته پاڻي جو هڪ ئي ذريعو آهي سنڌو ندي. توهان ڪٿان به پاڻي کڻو ان مان نه کڻو. ٻي ڌر چوي ٿي ستلج ۽ راوي مان کڻبو. سو پاڻي اگر 10 ڪيوبڪ ميٽر آهي پنجاب جو ته 10 ئي رهندو اگر 12 ٿيندو ته اهو ته ظاهر آهي وري سنڌ ۾ ويندڙ حصي مان نڪرندو.سو سنڌ وارن جو سادو موقف آهي ته اهو ڪيئن ٿيندو؟ ممڪن آهي هن وقت ان معاملي تي ڪميٽيون ٺاهي  ڊيل ڪيو وڃي. پر آهستي آهستي  ڪم هلندو رهندو،هن چيو ته  پ پ سرڪار نه ڇڏيندي اهي پاڻ ئي اسلام آباد وارا آهن.ملڪ نازڪ موڙ تي آهي  ملڪ ۾ اگر انتشار ٿيو لڙائي جهڳڙا ٿيا ته  ملڪ نه بچي سگهندو.هن وقت  مک مقصد اهوآهي ته هي هائبرڊ سرڪار  قائم رهي،عمران خان کي عليمه خان سان ملاقات ڪرڻ نه پئي ڏني وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.